Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 20:1 - Sindhi Bible

1 پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي؛ ۽ ماڻهو قادس ۾ رهي پيا؛ ۽ مريم اتي وفات ڪئي، ۽ اتي ئي دفن ڪئي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 بني اسرائيل جي سڄي قوم، پهرئين مهيني ۾ صين جي بيابان ۾ آئي ۽ ماڻهن قادش ۾ پنهنجا تنبو کوڙيا. اتي مريم وفات ڪئي ۽ اتي ئي کيس دفنايو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 20:1
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو موٽي عين مصفات يعني قادس ۾ آيا، ۽ عماليقين جي سڄي ملڪ کي ۽ اموري، جي حصيصون تبر ۾ رهندا هئا، تن کي بہ ماريائون.


خداوند جو آواز بيابان کي لوڏي ٿو؛ خداوند قاديس جي بيابان کي لوڏي ٿو ڇڏي.


۽ مريم نبيہ، جا هارون جي ڀيڻ هئي، تنهن پنهنجي هٿ ۾ دف کنيو؛ ۽ سڀ زالون دف کڻي نچنديون انهيءَ جي پٺيان هليون.


۽ انهيءَ ٻار جي ڀيڻ پري کان بيهي ڏسڻ لڳي تہ هن سان ڇا ٿو ٿئي.


تڏهن هن جي ڀيڻ فرعون جي ڌيءَ کي چيو تہ جي تون چوين تہ آءٌ وڃي عبراني زالن مان ڪا دائي سڏي اچان، تہ اها تنهنجي لاءِ هن ٻار کي کير پياري؟


۽ ڏکڻ واري حد ڏکڻ ڏانهن تمر کان وٺي مريبوت قادس جي پاڻين تائين، مصر جي نهر وٽان وڏي سمنڊ تائين. اها آهي ڏکڻ ڏانهن ڏکڻ واري حد.


ڇالاءِ جو مون توکي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان توکي ڇڏايو اٿم؛ تنهنجي اڳيان مون موسيٰ ۽ هارون ۽ مريم کي موڪليو.


هاڻي موسيٰ هڪڙي ڪوشي زال سان شادي ڪئي هئي، تنهنڪري مريم ۽ هارون هن جي برخلاف ڳالهائڻ لڳا، ڇو تہ هن ڪوشيءَ زال سان شادي ڪئي هئي.


پوءِ اهو ڪڪر تنبوءَ تان هٽجي ويو، ۽ ڏسو، مريم هڪدم ڪوڙهي ٿي پيئي، بلڪل اڇي جهڙي برف، ۽ هارون مريم ڏانهن نهاريو، ۽ ڏٺائينس تہ ڪوڙهي ٿي پيئي آهي.


ان موجب مريم ست ڏينهن منزلگاهہ کان ٻاهر رهي ۽ جيسين مريم موٽي اندر نہ آئي، تيسين ماڻهن ڪوچ نہ ڪيو.


سو هو روانا ٿيا ۽ سين جي بيابان کان وٺي رحوب تائين، جو جمات جي واٽ تي آهي، سڄي ملڪ جي جاسوسي ڪيائون؛


پوءِ هو فاران جي بيابان ۾ قادس منجهہ، موسيٰ ۽ هارون ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت وٽ آيا، ۽ اچي حال احوال ڏنائون، ۽ انهيءَ زمين جو ميوو ڏيکاريائون.


پر اسان خداوند جي حضور ۾ دانهون ڪيون، تڏهن هن اسان جي دانهن ٻڌي، ۽ هڪڙي فرشتي کي موڪلي اسان کي مصر مان ڪڍيائين: ۽ ڏس، اسين قادس ۾ آهيون، جو شهر تنهنجيءَ سرحد جي ڇيڙي تي آهي:


پوءِ اهي قادس مان روانا ٿيا: ۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت هور جبل وٽ آئي.


۽ موسيٰ هارون جا ڪپڙا لاهي، سندس پٽ اليعزر کي ڍڪيا؛ ۽ هارون اتي ئي جبل جي چوٽيءَ تي وفات ڪئي: ۽ موسيٰ ۽ اليعزر جبل تان هيٺ لهي آيا.


۽ عمرام جي زال جو نالو يوڪبد هو، جا لاويءَ جي ڌيءَ هئي، ۽ مصر ۾ لاويءَ جي پيٽان ڄائي هئي: انهي مان عمرام کي ٻہ پٽ، يعني هارون ۽ موسيٰ، ۽ سندن ڀيڻ مريم پيدا ٿيا.


ڇالاءِ جو صين جي بيابان ۾، جڏهن جماعت مون سان جهيڙو ڪيو، تڏهن اوهان هنن جي روبرو منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي، پر پاڻيءَ جي چشمي وٽ اوهان منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو. (هي اهو قادس وارو مريبہ جو چشمو آهي، جو صين جي بيابان ۾ آهي.)


۽ عصيون جابر مان روانا ٿي، صين جي بيابان ۾ (جو قادس بہ ٿو سڏجي،) تنهن ۾ اچي تنبو کوڙيائون.


سو اوهين ڪيترائي ڏينهن قادس ۾ رهيا، يعني ڳچ مدت تائين.


۽ قادس برنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، زرد نهر جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ ورهيہ لڳا؛ انهي وچ ۾ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ جنگي مرد منزلگاهہ منجهان مري کپي ويا، جيئن ڪ خداوند قسم کڻي انهن کي چيو هو.


انهي لاءِ جو اوهان صين جي بيابان ۾، ۽ قادس جي مريبہ واري چشمي وٽ، بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجو ڏوهہ ڪيو هو؛ ڇوتہ اوهان بني اسرائيل جي وچ ۾ منهنجي پاڪيزگي ظاهر نہ ڪئي.


پر جڏهن هو مصر مان نڪري آيا، ۽ اسرائيلي بيابان مان پنڌ ڪري ڳاڙهي سمنڊ کان قادس ۾ آيا؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ