Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 19:22 - Sindhi Bible

22 ۽ اهو ناپاڪ ماڻهو جنهن شيءِ کي ڇهندو سا شيءِ ناپاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪو ماڻهو انهيءَ شيءِ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 ناپاڪ ماڻهو جنهن بہ شيءِ کي ڇهندو سا ناپاڪ ٿيندي ۽ جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ ناپاڪ ٿيل شيءِ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 19:22
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ


۽ جيڪو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي ڇهندو، جا هن جي هيٺان هوندي، سو شام تائين ناپاڪ رهندو: ۽ جيڪو اهڙيون شيون کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ پرميل وارو ماڻهو پنهنجا هٿ پاڻيءَ سان ڌوئڻ کان سواءِ، جيڪڏهن ڪنهن کي ڇهندو، تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جيڪو هن جي هنڌ کي ڇهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جنهن شيءِ تي هوءَ ويٺي هجي، تنهن کي جيڪو ڇهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جنهن وقت هوءَ ڪنهن هنڌ تي يا ڪنهن ٻيءَ شيءِ تي ويٺي هجي، تنهن وقت جيڪو انهيءَ شيءِ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جيڪو انهن شين کي ڇهندو، سو ناپاڪ ٿيندو، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


جيڪو هن جي هنڌ کي هٿ لائيندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ سان وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جنهن شيءِ تي پرميل وارو ماڻهو ويٺو هجي، تنهن تي جيڪو ويهندو سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ سان وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جيڪو پرميل واري ماڻهوءَ جي بت کي ڇهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جيڪڏهن پرميل وارو ماڻهو، ڪنهن پاڪ ماڻهو تي ٿُڪ اُڇلائيندو، تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


يا جيڪو ڪنهن اهڙي سرندڙ جيت کي ڇهي، جنهنڪري هو ناپاڪ ٿي پوي، يا ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ کي ڇهي، جنهن مان هن کي ناپاڪي لڳي، پوءِ اها ناپاڪي ڪهڙي بہ قسم جي هجي؛


تہ اهو ماڻهو جو اهڙي ڪنهن بہ شيءِ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو، ۽ جيسين هو پاڻيءَ ۾ نہ وهنجي، تيسين پاڪ شيون نہ کائي.


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي ناپاڪ ٿي پوي، پوءِ اهو ڪنهن ناپاڪ مرونءَ جو مڙهہ هجي، يا ڪنهن ناپاڪ ڍور جو مڙهہ هجي، يا ڪنهن ناپاڪ سرندڙ جيت جو مڙهہ هجي، تہ بہ هو ڏوهاري ٿي چڪو.


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جي ناپاڪيءَ جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، ۽ انهي جي ناپاڪيءَ کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان ڇهي؛ پوءِ جڏهن انهي جي خبر پونديس، تڏهن هو ناپاڪ ٿيندو:


جيڪو گوشت ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي لڳي، سو کائڻ ۾ نہ اچي، اهو باهہ سان ساڙي ڇڏڻ گهرجي، ۽ باقي جيڪو گوشت آهي، سو هرڪو پاڪ ماڻهو ڀلي کائي:


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ناپاڪ شيءِ کي ڇهي، پوءِ اها ناپاڪي ماڻهو جي هجي توڙي جانور جي هجي، يا ڪا ٻي ناپاڪ مڪروهہ شيءِ هجي، ۽ انهيءَ حالت ۾ خداوند جي لاءِ چاڙهيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت کائيندو، سو پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.


تڏهن حجيءَ چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مردي کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، ۽ اُهو انهن شين مان ڪا ڇهي تہ پوءِ اُها شيءِ ناپاڪ ٿيندي يا نہ؟ ۽ ڪاهنن ورندي ڏني تہ اُها ناپاڪ ٿيندي.


پوءِ ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تنهن کان پوءِ منزلگاهہ ۾ اچي؛ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ