Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 19:21 - Sindhi Bible

21 اهو هنن جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو: جيڪو ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ڇاٽاري، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي؛ ۽ جيڪو ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 هي اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو. جيڪو ماڻهو ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ڇٽڪاري سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي. جيڪو ماڻهو ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 19:21
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، شاهديءَ واريءَ صندوق جي اڳيان جيڪو پردو ٿيندو، انهي جي ٻاهران هارون ۽ سندس پٽ سانجهيءَ کان وٺي صبح تائين خداوند جي حضور ۾ انهي جو بندوبست ڪن: اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ سندن سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ جاري رهي.


۽ جيڪو مڙهہ جي ڪا شيءِ کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جيڪو انهي جو مردار کائيندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: ۽ جيڪو انهي جي مڙهہ مان ڪجهہ کڻندو سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


پر لاوي جماعت واري تنبوءَ جي خدمت ڪن، ۽ اهي هن جو گناهہ کڻن: اهو اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جو قانون رهندو، ۽ بني اسرائيل مان انهن کي ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو.


۽ جيڪو انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪري، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ اهو بہ شام تائين ناپاڪ رهندو: هي بني اسرائيل جي لاءِ، ۽ جيڪو منجهن رهندو هجي، تنهن جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو.


پوءِ ڪاهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تنهن کان پوءِ منزلگاهہ ۾ اچي؛ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جيڪو انهيءَ کي ساڙي سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، ۽ اهو بہ شام تائين ناپاڪ رهندو.


ڇالاءِ جو اهو ناممڪن آهي تہ ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت گناهہ مٽائي ڇڏي.


(ڇالاءِ تہ شريعت ڪنهن بہ شيءِ کي ڪامل نہ ڪيو،) ۽ انهي جي بدران هڪڙي بهتر اُميد اچي ويئي، جنهن جي وسيلي اسين خدا کي ويجهو ٿا وڃون.


ڇالاءِ جو اُهي فقط کائڻ ۽ پيئڻ ۽ جدا جدا قسمن جي غسلن سان تعلق رکندڙ جسماني قانون آهن، جي سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ