Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 19:20 - Sindhi Bible

20 پر جيڪو ماڻهو ناپاڪ ٿيو هوندو، ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ڪندو، سو ماڻهو جماعت منجهان تباهہ ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن خداوند جي پاڪ مڪان کي ناپاڪ ڪيو آهي: ۽ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي هن تي نہ ڇڻڪيو ويو؛ ۽ هو ناپاڪ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 پر جيڪڏهن ڪو ناپاڪ هجي ۽ پاڻ کي پاڪ نہ ڪرائي تہ اهو بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو، ڇو تہ هن مون خداوند جي مقدس خيمي کي ناپاڪ ڪيو آهي. جيئن تہ ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي مٿس نہ ڇٽڪاريو ويو آهي انهيءَ ڪري هو ناپاڪ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 19:20
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ نامختون مرد جنهن جي جسم جي کل جو ختنو ٿيل نہ هجي سو اُمت مان ٻاهر ڪڍيو وڃي؛ ڇالاءِ جو هن منهنجو عهد ڀڳو آهي.


جيڪو انهي جهڙو ڪو ٻيو جوڙيندو، يا جيڪو انهي مان ڪي ڌارئي ماڻهوءَ تي اوتيندو، سو پنهنجيءَ قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.


اهڙي طرح اوهين بني اسرائيل کي سندن ناپاڪيءَ کان جدا ڪجو: تہ اهي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ منهنجي عبادت جو تنبو، جو سندن وچ ۾ آهي، تنهن کي پليت ڪري مري نہ پون.


پر جي هو اهي نہ ڌوئندو ۽ نہ وهنجندو، تہ هو پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندو.


هارون جي نسل مان جيڪو ماڻهو ڪوڙهيو هجي، يا جنهن کي پرميل جو مرض هجي، سو جيسين پاڪ نہ ٿئي، تيسين انهن پاڪ شين مان نہ کائي، ۽ جيڪو ڪنهن اهڙي شيءِ کي ڇهي، جا ڪنهن مڙهہ کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿي هجي، يا جنهن کي احتلام هجي،


پر جيڪو ماڻهو ڄاڻي ٻجهي ڪو اهڙو ڪم ڪري، پوءِ اهو ملڪ ۾ ڄاول هجي، توڙي پرديسي هجي، تہ اهو خداوند جي لاءِ ڪفر ٿو بڪي؛ ۽ اهو شخص پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.


جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاشي کي ڇهي ٿو ۽ پاڻ کي پاڪ نٿو ڪري، سو خداوند جي خيمي کي ناپاڪ ٿو ڪري؛ اهڙو ماڻهو اسرائيل مان تباهہ ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي انهي تي ڇاٽاريو نہ ويو، تنهنڪري اهو ناپاڪ رهندو؛ انهي جي ناپاڪي اڃا بہ انهي جي مٿان آهي.


پر جيڪو ماڻهو پاڪ هجي، ۽ مسافريءَ ۾ نہ هجي، ۽ پوءِ بہ فسح ڪرڻ کان رهجي وڃي تہ هو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو وڃي؛ ڇالاءِ جو ٺهرايل وقت تي خداوند جي لاءِ قرباني نہ چاڙهڻ ڪري، اهو ماڻهو پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندو.


جيڪو ايمان آڻي بپتسما وٺندو، اُهو نجات حاصل ڪندو؛ پر جيڪو ايمان نہ آڻيندو، اُهو ڏوهاري ٺهرايو ويندو.


تنهنڪري، جڏهن انهن ڳالهين جا منتظر آهيو، تڏهن ڪوشش ڪريو تہ هو اوهان کي اطمينان جي حالت ۾ بي عيب ۽ بي داغ ڏسي.


جيڪو ناراست آهي سو ڀلي ناراستي پيو ڪري؛ ۽ جيڪو ڪميڻو آهي سو ڀلي ڪميڻو رهي؛ ۽ جيڪو راستباز آهي، سو ڀلي راستبازي پيو ڪري: جيڪو پاڪ آهي سو ڀلي پاڪ ٿيندو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ