Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 19:2 - Sindhi Bible

2 جنهن شريعت جو خداوند حڪم ڏنو آهي تنهن جو قانون هي آهي، ۽ فرمايو اٿس تہ تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ هو تو وٽ هڪڙي بي عيب ڳاڙهي گابي وٺي اچن، جنهن تي ڪو داغ يا چٽو نہ هجي، ۽ جنهن تي ڪڏهن بہ ڪا پاڃاري ڪانہ آئي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”جنهن شرعي قانون جو مون خداوند حڪم ڏنو آهي، تنهن موجب اوهين بني اسرائيل کي چئو تہ هو اوهان وٽ هڪڙِي بي‌عيب ڳاڙهي گابِي آڻين، جنهن تي ڪوبہ داغ نہ هجي ۽ جنهن تي ڪڏهن بہ پاڃاري ڪانہ آئي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 19:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهان جو گهيٽو بي عيب هڪ سالو نر هئڻ گهرجي: اوهين رڍن مان گهيٽو، يا ٻڪرين مان ڇيلو ڪڍجو:


خداوند ٿو فرمائي تہ هاڻي اچو تہ پاڻ ۾ حجت دليل ڪريون: جيتوڻيڪ اوهان جا گناهہ کهنبي جهڙا هوندا تہ بہ اهي برف جهڙا اڇا ٿي ويندا؛ جيتوڻيڪ اهي قرمز جهڙا ڳاڙها هوندا تہ بہ اُن جهڙا ٿي پوندا.


منهنجن گناهن جي پاڃاري هن جي هٿ جي ٻڌل آهي؛ اُهي پاڻ ۾ ڳنڍيا ويا آهن، اُهي منهنجي گردن تي چڙهي آيا آهن؛ هن منهنجو زور گهٽائي ڇڏيو آهي: خداوند مون کي انهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي، جن جي سامهون آءٌ بيهي نٿي سگهان.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڌڻن مان، يعني رڍن يا ٻڪرين مان، سوختني قرباني هجي؛ تہ هو هڪڙو بي عيب نر آڻي پيش ڪري.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڍورن مان سوختني قرباني هجي، تہ اهو ڍور نر ۽ بي عيب هئڻ گهرجي: هو انهي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي پيش ڪري، تہ هو پاڻ خداوند جي حضور ۾ قبول پوي.


۽ باقي جيڪو جيئرو پکي آهي سو ۽ ديال جي ڪاٺي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ زوفا، اهي سڀ شيون هو جيئري پکي سميت کڻي، ۽ جيڪو پکي وهندڙ پاڻيءَ تي ذبح ڪيو هئائون، تنهن جي رت ۾ ٻوڙي:


پوءِ خدا موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو، ۽ کين چيائين تہ


۽ ڪاهن ديال جي ڪاٺي، ۽ زوفا، ۽ قرمزي رنگ کڻي انهيءَ سڙندڙ گابيءَ واريءَ باهہ ۾ اُڇلائي وجهي.


جيڪي ماڻهو جنگ تي ويا هئا، تن کي اليعزر ڪاهن چيو تہ اهو شريعت جو قانون آهي، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو:


تنهن تي ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس، تہ پاڪ روح توتي نازل ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت توتي ڇانوَ ڪندي: تنهنڪري اُهو پاڪ جو ڄمندو سو خدا جو فرزند ڪوٺبو.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو شهر انهي لاشي کي ويجهو هجي، تنهن جا بزرگ هڪڙي اهڙي گابي وٺن، جنهن کان اڃا ڪو ڪم نہ ورتو ويو هجي، ۽ جا اڃا پاڃاريءَ ۾ جوٽي نہ ويئي هجي؛


ڇالاءِ جو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گهُرج هئي، جو پاڪ، بي ريا، بي عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ مٿي ڪيو ويو هجي،


ڇالاءِ جو اُهي فقط کائڻ ۽ پيئڻ ۽ جدا جدا قسمن جي غسلن سان تعلق رکندڙ جسماني قانون آهن، جي سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا.


پر هڪڙي بي عيب ۽ بي داغ گهيٽي جي قيمتي رت سان ملي، يعني مسيح جي رت سان.


هن ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو، نڪا سندس وات مان ڪا ٺڳيءَ جي ڳالهہ نڪتي؛


۽ يسوع مسيح وٽان، جو سچو شاهد، ۽ جيڪي مُئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پهريتو، ۽ زمين جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. جو اسان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جنهن پنهنجي رت سان اسان کي گناهن کان آزاد ڪيو؛


تنهنڪري هاڻي هڪڙي نئين گاڏي تيار ڪريو، ۽ ٻہ کير ڏهائيندڙ گايون بہ، جن تي اڃا پاڃاري نہ پيئي هجي، ۽ اُهي گايون گاڏيءَ ۾ ٻڌو، ۽ اُنهن جا ڦر وٺي گهر آڻيو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ