Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 19:18 - Sindhi Bible

18 پوءِ هڪڙو ماڻهو زوفا کڻي انهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي، ۽ انهي تنبوءَ تي، ۽ سڀني ٿانون تي، ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي، ۽ جنهن ماڻهو ڪنهن هڏي کي، يا ڪنهن ترار سان ماريل ماڻهو کي، يا ڪنهن لاشي کي، يا قبر کي هٿ لاتو هجي، تنهن تي ڇاٽاري:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ هڪڙو پاڪ ماڻهو زوفا جي ٽاري کڻي انهيءَ پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ۽ انهيءَ تنبوءَ تي، جيڪي ڪجھہ تنبوءَ ۾ هجي تنهن تي ۽ جيڪي ماڻهو اتي هجن تن تي ڇٽڪاري. اهو پاڻي انهيءَ ماڻهوءَ تي بہ ڇٽڪاريو وڃي جنهن ڪنهن مئل ماڻهوءَ جي هڏي کي، ڪنهن تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي، ڪنهن ماڻهوءَ جي لاش کي يا ڪنهن قبر کي هٿ لاتو هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 19:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

زوفا سان مون کي صاف ڪر تہ آءٌ پاڪ ٿيان: مون کي ڌوءِ آءٌ برف کان بہ اڇو ٿي پوان.


منهنجن گناهن کان پنهنجو منهن ڦيراءِ، ۽ منهنجون سڀ بڇڙايون مٽائي ڇڏ.


تيئن هو گهڻين قومن کي حيران ڪري ڇڏيندو؛ هن جي سامهون بادشاهہ پنهنجا وات بند ڪندا: ڇالاءِ تہ جيڪي انهن کي چيو نہ ويو هو، سو اهي ڏسندا، ۽ جيڪي انهن نہ ٻڌو هو سو اهي سمجهندا.


اهڙي ماڻهوءَ جي لاءِ هيئن ڪرڻ گهرجي تہ اها گناهہ جي قرباني، جا ساڙي ويئي، تنهن جي رک مان ڪجهہ کڻي هڪڙي ٿانو ۾ وجهي ۽ انهي تي چشمي جو پاڻي وجهن.


اهو پاڪ ماڻهو ٽئين ڏينهن، ۽ ستين ڏينهن، انهيءَ ناپاڪ ماڻهو تي اهو ڇاٽاري، ۽ ستين ڏينهن هو انهي کي پاڪ ڪري؛ ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، پوءِ شام جو هو پاڪ ٿيندو.


۽ جيڪو ماڻهو پاڪ هجي، سو انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪري، منزلگاهہ جي ٻاهران ڪنهن صاف هنڌ رکي، ۽ اها بني اسرائيل جي جماعت لاءِ، ناپاڪي لاهڻ جي پاڻيءَ واسطي رکي رهي: اها هڪڙي گناهہ جي قرباني آهي.


سچ جي وسيلي کين پاڪ ڪر، تنهنجو ڪلام سچ آهي.


۽ انهن جي خاطر آئون پاڻ کي پاڪ ٿو ڪريان، تہ اهي پڻ سچ ۾ پاڪ ٿين.


اُهو ئي اوهان جو مسيح يسوع ۾ اصل آهي، جنهن کي خدا اسان جي لاءِ دانائي بنايو، يعني اسان جي راستبازي، ۽ پاڪيزگي، ۽ نجات.


تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.


ڇالاءِ جو جڏهن موسيٰ ساريءَ اُمت کي شريعت جا سڀ حڪم ٻُڌائي رهيو، تڏهن هن وهڙن ۽ ٻڪرن جو رت، پاڻيءَ، ۽ قرمزي اُن، ۽ زوفا سان کڻي، انهي ڪتاب ۽ ساريءَ اُمت تي ڇٽڪاريو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ