Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 19:16 - Sindhi Bible

16 جيڪو کليل ميدان ۾ ترار سان ماريل ڪنهن ماڻهوءَ کي، يا ڪنهن لاشي کي، يا ماڻهوءَ جي ڪنهن هڏي کي، يا ڪنهن قبر کي ڇهندو، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 جيڪڏهن ڪو جھنگ ۾ تلوار سان ماريل ماڻهوءَ کي يا پنهنجي موت مئل ماڻهوءَ جي لاش کي، يا ڪنهن ماڻهوءَ جي هڏي کي يا ڪنهن قبر کي ڇهندو، تہ اهو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 19:16
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.


۽ پاڪ ٿيڻ کانپوءِ، هن جي لاءِ ست ڏينهن شمار ڪجن.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ، هارون جا پٽ جي ڪاهن آهن، تن سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جڏهن اوهان جي قوم مان ڪو مري وڃي، تڏهن انهي جي لاءِ اوهين پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪريو:


جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ جي لاشي کي ڇهندو، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو:


۽ سڀڪو کليل ٿانءُ، جنهن جي مٿان ڍڪ نہ هجي، سو ناپاڪ ٿيندو.


۽ اوهين ست ڏينهن منزلگاهہ کان ٻاهر رهو: اوهان مان جنهن، ڪنهن ماڻهوءَ کي ماريو هجي، يا جنهن، ڪنهن مئل ماڻهوءَ کي هٿ لاتو هجي، سو پاڻ کي، ۽ پنهنجن قيدين کي، ٽئين ڏينهن ۽ ستين ڏينهن پاڪ ڪري.


بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي هر ڪنهن ڪوڙهيي کي، ۽ هر ڪنهن پرميل جي مرض واري کي، ۽ جيڪو مردي جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تنهن کي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍن.


جيترا ڏينهن هو پاڻ کي خداوند جي لاءِ نذير ڪري، اوترا ڏينهن هو ڪنهن مردي جي ويجهو نہ وڃي.


۽ اتي ڪي ماڻهو مردي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿيا هئا، جنهنڪري هو انهي ڏينهن فسح ڪري نہ سگهيا. تنهنڪري هو انهي ڏينهن موسيٰ ۽ هارون وٽ آيا،


افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين انهن قبرن وانگر آهيو، جن تي سيڙهي لڳل آهي، جي ٻاهران سهڻيون ٿيون ڏسجن، مگر اندران اُهي مڙدن جي هڏن ۽ هر طرح جي گندگيءَ سان ڀريون پيون آهن.


افسوس اوهان تي! ڇالاءِ جو اوهين اُنهن قبرن وانگر آهيو جي ڏسڻ ۾ ئي ڪين ٿيون اچن، جن تي ماڻهو هلن ٿا، پر انهن جي خبر ڪانہ ٿي رهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ