15 ۽ سڀڪو کليل ٿانءُ، جنهن جي مٿان ڍڪ نہ هجي، سو ناپاڪ ٿيندو.
15 تنبوءَ ۾ سڀڪو کُليل ٿانءُ جنهن مٿان ڍڪ نہ هوندو سو بہ ناپاڪ ٿيندو.
۽ اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا، سا ناپاڪ ٿيندي: پوءِ کڻي اهو ڪاٺ جو ٿانو هجي، يا ڪپڙو هجي، يا کل هجي، يا ٻورو هجي، مطلب تہ ڪنهن بہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙو بہ ٿانو هجي، تہ انهي کي پاڻيءَ ۾ وجهڻ گهرجي، ۽ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو؛ ۽ پوءِ پاڪ ٿيندو.
۽ جنهن ٺڪر جي ٿانو ۾ انهن مان ڪي ڪرندو تہ انهي ۾ جيڪي بہ پيل هوندو، سو ناپاڪ ٿيندو، ۽ انهي ٿانو کي ڀڃي ڇڏجو.
تنهن تي ڪاهن حڪم ڪري، تہ انهي مرض کي ڏسڻ لاءِ سندس اتي وڃڻ کان اڳي اهو گهر خالي ڪري ڇڏين، انهي لاءِ تہ گهر جو سڀ سامان ناپاڪ نہ ٿئي: تنهن کان پوءِ ڪاهن گهر کي ڏسڻ لاءِ وڃي:
جيڪڏهن ڪنهن تنبوءَ ۾ ڪو ماڻهو مري تہ انهي جي واسطي هي قاعدو آهي: جيڪو بہ ماڻهو انهي تنبوءَ ۾ هجي، ۽ جيڪو بہ انهي تنبوءَ ۾ اچي، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.
جيڪو کليل ميدان ۾ ترار سان ماريل ڪنهن ماڻهوءَ کي، يا ڪنهن لاشي کي، يا ماڻهوءَ جي ڪنهن هڏي کي، يا ڪنهن قبر کي ڇهندو، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.
اوهين پنهنجن سڀني ڪپڙن کي، ۽ چم جي سموري سامان کي، ۽ ٻڪرين جي ڏاس جي سڀني شين کي، ۽ ڪاٺ جي سموري سامان کي پاڪ ڪجو.