Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 19:12 - Sindhi Bible

12 ٽئين ڏينهن هو پاڻ کي انهي سان پاڪ ڪري، ۽ ستين ڏينهن بہ، پوءِ هو پاڪ ٿيندو: پر جيڪڏهن هو ٽئين ڏينهن پاڻ کي پاڪ نہ ڪندو، تہ هو ستين ڏينهن بہ پاڪ نہ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 هو پاڻ کي ٽئين ڏينهن تي ۽ ستين ڏينهن تي انهيءَ رک واري پاڻيءَ سان صاف ڪري تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو. پر جيڪڏهن هو پاڻ کي ٽئين ڏينهن تي ۽ ستين ڏينهن تي صاف نہ ڪندو تہ پاڪ نہ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 19:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

زوفا سان مون کي صاف ڪر تہ آءٌ پاڪ ٿيان: مون کي ڌوءِ آءٌ برف کان بہ اڇو ٿي پوان.


۽ ٽئين ڏينهن جي لاءِ تيار رهن، ڇالاءِ جو ٽئين ڏينهن خداوند سڀني ماڻهن جي ڏسندي سينا جبل تي لهندو.


۽ هن ماڻهن کي چيو تہ ٽئين ڏينهن لاءِ تيار ٿيو: ڪوبہ زال کي ويجهو نہ وڃي.


۽ آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇنڊيندس، ۽ اوهين پاڪ صاف ٿيندا: آءٌ اوهان کي هر قسم جي گندگي کان ۽ سڀني بُتن کان پاڪ ڪندس.


ٻن ڏينهن کانپوءِ وري هو اسان کي جيئرو ڪندو: ٽئين ڏينهن هو اسان کي اُٿاريندو، ۽ اسين هن جي اڳيان جيئرا رهنداسين.


۽ جيڪو ماڻهو ڪوڙهہ کان پاڪ ٿيڻو هجي، تنهن تي ست ڀيرا ڇاٽاري، ۽ انهي کي پاڪ ٺهرائي، پوءِ انهي جيئري پکيءَ کي کليل ميدان ۾ اُڏائي ڇڏي.


پر قربانيءَ جي گوشت مان جيڪي ٽئين ڏينهن تائين بچي، سو باهہ ۾ ساڙيو وڃي.


۽ اوهين ست ڏينهن منزلگاهہ کان ٻاهر رهو: اوهان مان جنهن، ڪنهن ماڻهوءَ کي ماريو هجي، يا جنهن، ڪنهن مئل ماڻهوءَ کي هٿ لاتو هجي، سو پاڻ کي، ۽ پنهنجن قيدين کي، ٽئين ڏينهن ۽ ستين ڏينهن پاڪ ڪري.


۽ ايمان جي وسيلي هنن جون دليون پاڪ ڪري، اسان جي ۽ هنن جي وچ ۾ ڪوبہ فرق ڪونہ رکيائين.


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ