۽ جڏهن اوهان انهيءَ مان تمام چڱو حصو مٿي کنيو آهي، تڏهن انهي جي ڪري اوهان تي گناهہ نہ رهندو: سو اوهين بني اسرائيل جي پاڪ شين کي ناپاڪ نہ ڪجو، تہ مري نہ پئو.
جنهن شريعت جو خداوند حڪم ڏنو آهي تنهن جو قانون هي آهي، ۽ فرمايو اٿس تہ تون بني اسرائيل کي چئُہ، تہ هو تو وٽ هڪڙي بي عيب ڳاڙهي گابي وٺي اچن، جنهن تي ڪو داغ يا چٽو نہ هجي، ۽ جنهن تي ڪڏهن بہ ڪا پاڃاري ڪانہ آئي هجي.