Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 18:6 - Sindhi Bible

6 ۽ ڏسو، مون اوهان جي ڀائرن، يعني بني لاوين کي بني اسرائيل مان ورتو آهي: اهي اوهان کي خداوند جي لاءِ بخشش طور ڏنا ويا آهن، تہ جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 مون اوهان جي مائٽن يعني بني لاويءَ کي بني اسرائيل مان بخشش طور اوهان جي لاءِ چونڊي کنيو آهي. اهي مون خداوند جي لاءِ وقف آهن، تہ جيئن مقدس خيمي ۾ خدمت ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 18:6
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس آءٌ خود زمين تي پاڻيءَ جو طوفان ٿو آڻيان، تہ آسمان جي هيٺان جيڪي ساهوارا آهن، تن سڀني کي برباد ڪريان، ۽ جيڪي بہ زمين تي آهن، سي سڀ مري وڃن.


ڏسو، آءٌ اوهان سان ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد سان؛


۽ ڏس آءٌ مصرين جي دلين کي سخت ڪندس، ۽ هو انهن جي پٺيان پوندا، ۽ آءٌ فرعون تي، ۽ سندس ساري لشڪر تي، سندس گاڏين تي، ۽ سندس گهوڙي سوارن تي غالب پوندس.


۽ ڏس مون دان جي قبيلي واري، اخيسمڪ جي پٽ اهلياب کي، هن سان گڏ مقرر ڪيو آهي؛ ۽ سڀني هوشيار ماڻهن جي دلين ۾ هنر وڌو اٿم، انهي لاءِ تہ جنهن جو مون توکي حڪم ڏنو آهي، سو سڀ جوڙي تيار ڪن.


مون، هائو، مون ڳالهايو آهي؛ مون هن کي سڏيو آهي: مون هن کي آندو آهي، ۽ هو پنهنجو رستو سجايو ڪندو.


آءٌ، هائو آءٌ، اهو آهيان جو اوهان کي تسلي ٿو ڏيان: تون ڪير آهين جو فاني انسان کان ۽ بني آدم کان ڊڄين ٿو، جو گاهہ وانگر ٿي ويندو؛


ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو آءٌ پاڻ پنهنجين رڍن جي تلاش ڪندس ۽ انهن کي ڳولي لهندس.


تنهنڪري خداوند خدا انهن کي هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ، ٿلهي مال ۽ ڏٻري مال جي وچ ۾ انصاف ڪندس.


ڏس بني اسرائيل جا پهريتا ٻار، جيڪي پيٽ مان پهرين نڪرن ٿا، تن جي بدران مون اسرائيل منجهان لاوين کي قبول ڪيو آهي، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا؛


ڇالاءِ جو سڀ پهريتا ٻار منهنجا آهن؛ جنهن ڏينهن مون مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا ٻار ماريا، تنهن ڏينهن اسرائيل ۾ سڀ پهريتا، ماڻهن جا توڙي جانورن جا، مون پنهنجي لاءِ مخصوص ڪيا: اهي منهنجا ٿيندا؛ آءٌ خداوند آهيان.


تون بني اسرائيل مان سڀني پهريتن جي بدران لاوين کي وٺ، ۽ انهن جي چوپائي مال جي بدران، لاوين جو چوپايو مال وٺ، ۽ لاوي منهنجا ٿيندا: آءٌ خداوند آهيان.


لاويءَ جي قبيلي وارن کي ويجهو آڻي هارون ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪر، تہ اهي هن جي خدمت ڪن.


۽ تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي حوالي ڪري ڇڏ: اهي بني اسرائيل جي پاران هن کي ڏنا ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ