Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 18:27 - Sindhi Bible

27 ۽ اها اوهان جي کڻڻ واري قرباني اوهان جي لاءِ ائين شمار ۾ ايندي جيئن ڄڻ تہ ڳاهڻ واريءَ ٻار جو اَن آهي، ۽ شراب جي چيچڙي جي ڀرپورائي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 اوهان جو اهو نذرانو ان ۽ مئي جي پهرين پيداوار جي قربانيءَ جي برابر سمجھيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 18:27
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مڙئي تہ ڏاڍي وڏي جماعت هئي. ۽ جڏهن اهي اتد جي هلر وٽ آيا، جو يردن جي پرينءَ ڀر آهي، تڏهن اتي هنن ڏاڍي زور سان رنو؛ ۽ اتي هن پنهنجي پيءُ جي لاءِ ست ڏينهن ماتم ڪيو.


۽ هن چيو تہ جيڪڏهن خداوند تنهنجي واهر نہ ڪندو تہ آءٌ توکي ڪٿان واهر ڪري سگهندس؟ ڇا اَن ڳاهڻ واري پڙ مان يا انگور جي چيچڙي مان ڪندس؟


اوهين پنهنجي پهرين ڳوهيل اٽي مان هڪڙي ماني کڻڻ واري قربانيءَ لاءِ ڏجو، جهڙيءَ طرح ان ڳاهڻ وقت کڻڻ واري قرباني پيش ڪندا آهيو، تهڙيءَ طرح اها بہ مٿي کڻجو.


لاوين کي هيترو بہ وڌيڪ چئُہ تہ جڏهن اوهين بني اسرائيل کان ڏهون حصو وٺو، جو مون اوهان کي ورثو ڪري ڏنو آهي، تڏهن اوهين خداوند جي لاءِ کڻڻ جي قربانيءَ واسطي، انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو پيش ڪجو.


انهي طرح جيڪي ڏهان حصا اوهان کي بني اسرائيل کان ملن، تن سڀني مان اوهين خداوند جي لاءِ کڻڻ جي قرباني ادا ڪجو؛ ۽ انهيءَ مان خداوند جي کڻڻ واري قرباني اوهين هارون ڪاهن کي ڏيندا رهجو.


تنهنڪري تون هنن کي چئج تہ جڏهن انهي مان اوهين تمام چڱو ڀاڱو مٿي کڻو، تڏهن اُهو لاوين لاءِ ڳاهڻ واري ٻار، يا شراب جي چيچڙي جي زيادہ پيدائش شمار ۾ ايندي.


تون انهي کي پنهنجي ڌڻ مان، ۽ پنهنجي اَن جي کري مان، ۽ پنهنجي شراب جي چيچڙي مان، کليءَ دل سان ڏج: خداوند تنهنجي خدا توکي جيتري برڪت ڏني هجي، تنهن موجب تون بہ هن کي ڏج،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ