Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 18:24 - Sindhi Bible

24 ڇالاءِ جو ڏهون حصو جو هو خداوند لاءِ کڻڻ واري قرباني ڪري ٿا ڏين، سو مون لاوين کي ورثو ڪري ڏنو آهي: تنهنڪري مون هنن کي چيو آهي تہ بني اسرائيل مان هنن کي ڪوبہ ورثو نہ ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ڇاڪاڻ تہ ڏهون حصو، جيڪو بني اسرائيل مون خداوند لاءِ خاص نذرانو پيش ڪندا آهن سو مون کين ورثو ڪري ڏنو آهي. انهيءَ ڪري مون انهن بابت چيو آهي تہ کين بني اسرائيل ۾ ڪابہ مستقل ملڪيت ڪانہ ملندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 18:24
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڪاهن، جو هارون جو پٽ آهي، سو لاوين جي ڏهين حصي اُڳاڙڻ وقت ساڻن حاضر رهندو: ۽ لاوي انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو، اسان جي خدا جي گهر جي ڪوٺين ۾، خزاني جي گهر ۾ آڻيندا.


پوءِ سڄي يهوداہ، اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جي ڏهاڪي خزانن ۾ آندي.


۽ زمين جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو خداوند جو آهي، پوءِ اها ٻنيءَ جي پيدائش هجي توڙي وڻن جو ميوو هجي، اهو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ


لاوين کي هيترو بہ وڌيڪ چئُہ تہ جڏهن اوهين بني اسرائيل کان ڏهون حصو وٺو، جو مون اوهان کي ورثو ڪري ڏنو آهي، تڏهن اوهين خداوند جي لاءِ کڻڻ جي قربانيءَ واسطي، انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو پيش ڪجو.


باقي انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪ مهينو يا انهي کان مٿي هئي، تن جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي ٽيويهہ هزار ٿيا: انهن جو شمار بني اسرائيل سان گڏ نہ ڪيو ويو، ڇالاءِ جو انهن کي ورثو ڪونہ ملڻو هو.


انهي ڪري لاوين کي سندن ڀائرن سان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ مليو؛ ڇالاءِ جو خداوند پاڻ هنن جو ورثو آهي، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا هنن کي فرمايو آهي.)


ٽيون سال، جو ڏهين حصي اُڳاڙڻ جو سال آهي، تنهن ۾ جڏهن تون پنهنجي سموريءَ پيدائش جو ڏهون حصو ڪڍي پورو ڪرين، تڏهن تون اهو لاويءَ کي، ۽ پرديسيءَ، ۽ يتيم کي، ۽ بيوہ زال کي ڏج، تہ اهي تنهنجن دروازن جي اندر کائي ڍءُ ڪن؛


رڳو لاوي جي فرقي کي هن ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو؛ خداوند اسرائيل جي خدا جون باهہ سان ساڙڻ واريون قربانيون انهن جو ورثو آهن، جيئن هن کيس فرمايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ