Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 18:23 - Sindhi Bible

23 پر لاوي جماعت واري تنبوءَ جي خدمت ڪن، ۽ اهي هن جو گناهہ کڻن: اهو اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جو قانون رهندو، ۽ بني اسرائيل مان انهن کي ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 رڳو لاوي ئي مون سان ملاقات واري خيمي جي خدمت ڪن ۽ انهن جي خطا جي سڄي ذميواري سندن تي ئي آهي. اهو هميشہ جو قانون آهي جيڪو اوهان جي اولاد سان بہ لاڳو رهندو. بني اسرائيل مان لاوين کي ڪابہ مستقل ملڪيت نہ ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 18:23
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، شاهديءَ واريءَ صندوق جي اڳيان جيڪو پردو ٿيندو، انهي جي ٻاهران هارون ۽ سندس پٽ سانجهيءَ کان وٺي صبح تائين خداوند جي حضور ۾ انهي جو بندوبست ڪن: اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ سندن سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ جاري رهي.


پر جيڪي لاوي، اسرائيل جي گمراهہ ٿيڻ وقت مون کان پري ويا، ۽ پنهنجن بُتن جي پٺيان لڳي مون کان ڦري ويا؛ سي پنهنجي بدڪاري پاڻ کڻندا.


پوءِ خداوند هارون کي فرمايو تہ پاڪ مڪان جي بابت خطا جو بار تو تي، ۽ توسان گڏ تنهنجن پٽن تي، ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻي تي ايندو؛ ۽ تنهنجيءَ ڪهانت جي خطا جو بار تو تي، ۽ توسان گڏ تنهنجن پٽن تي ايندو.


۽ خداوند هارون کي فرمايو تہ هنن جي زمين ۾ تو کي ڪوبہ ورثو ڪونہ ملندو، نڪي هنن ۾ تنهنجو ڪو حصو ٿيندو: بني اسرائيل ۾ تنهنجو حصو ۽ تنهنجو ورثو آءٌ آهيان.


اهو هنن جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو: جيڪو ناپاڪي لاهڻ وارو پاڻي ڇاٽاري، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي؛ ۽ جيڪو ناپاڪي لاهڻ واري پاڻيءَ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.


باقي انهن مان جن ڇوڪرن جي عمر هڪ مهينو يا انهي کان مٿي هئي، تن جو شمار ڪيو ويو، ۽ اهي ٽيويهہ هزار ٿيا: انهن جو شمار بني اسرائيل سان گڏ نہ ڪيو ويو، ڇالاءِ جو انهن کي ورثو ڪونہ ملڻو هو.


۽ انهي جي طرفان، ۽ ساري جماعت جي طرفان، جيڪي کين سونپيو وڃي تنهن جي نگهباني ڪن، ۽ عبادت جي خيمي جي نگهباني ڪن.


اهي ڳالهيون اوهان لاءِ اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ ۽ اوهان جي سڀني رهڻ جي هنڌن ۾ فيصلي جو قانون ٿينديون.


انهي ڪري لاوين کي سندن ڀائرن سان گڏ ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ مليو؛ ڇالاءِ جو خداوند پاڻ هنن جو ورثو آهي، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا هنن کي فرمايو آهي.)


رڳو لاوي جي فرقي کي هن ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو؛ خداوند اسرائيل جي خدا جون باهہ سان ساڙڻ واريون قربانيون انهن جو ورثو آهن، جيئن هن کيس فرمايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ