Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 18:22 - Sindhi Bible

22 ۽ اڳتي بني اسرائيل جماعت واري تنبوءَ جي ويجهو نہ اچن، متان هو پاڻ تي گناهہ کڻن ۽ مري پون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اڳتي ٻيا بني اسرائيل مون سان ملاقات واري خيمي جي ويجھو نہ اچن، نہ تہ پاڻ تي گناهہ کڻي انهيءَ جي سزا ۾ مري ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 18:22
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃن، يا پاڪ مڪان ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ قربانگاهہ جي ويجهو وڃن، تڏهن اهي سندن بت تي هجن، تہ متان اهي ڏوهاري ٺهرجن ۽ مري پون: اهو قانون هن جي لاءِ، ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد جي لاءِ، هميشہ تائين قائم رهي.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي چاچيءَ سان گڏ سمهندو، تہ انهي پنهنجي چاچيءَ جو ننگ کوليو آهي: اهي پنهنجو گناهہ پاڻ تي کڻندا؛ اهي بي اولاد مرندا.


تنهنڪري هو منهنجو حڪم ياد رکن، متان هو انهي جي ڪري گنهگار ٿين، ۽ انهي جي بي حرمتي ڪرڻ ڪري مري پون: آءٌ خداوند آهيان، جو کين پاڪ ٿو ڪريان.


پر تون ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ، قربانگاهہ ۽ پردي جي اندر جي سڀ ڪم ڪار لاءِ، پنهنجي ڪهانت قائم رکجو، ۽ خدمت ڪجو: آءٌ ڪهانت جي خدمت اوهان کي بخشش طور ٿو ڏيان، ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو سو ماريو ويندو.


۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جي ڪم ۾ مشغول رهن: ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو اچي سو ماريو وڃي.


۽ خيمي جي اڳيان جماعت واري تنبوءَ جي سامهون، سج اُڀرڻ واري پاسي جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي موسيٰ، ۽ هارون، ۽ انهي جا پٽ هجن؛ اهي بني اسرائيل جي لاءِ خيمي جي نگهباني ڪن؛ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو اچي، سو ماريو وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ