Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 18:21 - Sindhi Bible

21 ۽ ڏس، بني لاوي جيڪا خدمت ڪن ٿا، يعني جيڪا خدمت هو جماعت واري تنبوءَ جي ڪن ٿا، تنهن جي بدلي ۾ مون هنن کي اسرائيل ۾ سڀ ڪنهن شيءِ جو ڏهون حصو ورثي طور ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 خداوند هارون کي وڌيڪ فرمايو تہ ”بني لاوي جيڪا خدمت مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪن ٿا، تنهن جي بدلي ۾ مون کين اهي سڀ ڏهان حصا ورثي طور ڏنا آهن جيڪي بني اسرائيل منهنجي حضور ۾ پيش ڪندا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 18:21
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڳورو آهي خدا تعاليٰ جنهن تنهنجي دشمنن کي تنهنجي قبضي ۾ ڏنو. تڏهن ابرام هن کي سڀ مال مان ڏهون حصو ڏنو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين فصل کڻو، تڏهن پنجون حصو فرعون کي ڏجو، ۽ چار حصا ٻنيءَ جي ٻج لاءِ، ۽ اوهان جي کاڌي لاءِ، ۽ اوهان جي خاندان ۽ ٻارن ٻچن جي خوراڪ لاءِ، اوهان جا ٿيندا.


۽ يوسف مصر جي ملڪ لاءِ اهو قانون جاري ڪيو جو اڄ ڏينهن تائين هلندو اچي، تہ فرعون کي پنجون حصو ملي؛ رڳو ڪاهنن جي زمين فرعون جي ڪانہ ٿي.


۽ هنن نذرانا ۽ ڏهان حصا ۽ وقف ڪيل شيون، امانت سلامت آنديون: ۽ انهن جي مٿان ڪنعنياہ لاوي نظر ڪندڙ هو، ۽ ان جو ڀاءُ سمعي انهي کان پوءِ ٻئي درجي جو هو.


اُهي پنهنجن ڀائرن ۽ پنهنجن اميرن سان شامل ٿيا، ۽ لعنت، ۽ قسم ۾ شامل ٿيا، تہ خدا جي انهيءَ شريعت تي هلنداسين، جا خدا جي ٻانهي موسيٰ ڏني هئي، ۽ خداوند اسان جي خدا جي سڀني حڪمن، ۽ فيصلن ۽ قاعدن کي مڃينداسين ۽ انهن تي هلنداسين؛


۽ اسين پنهنجي ڳوهيل اٽي جي پهرين مُٺ، پنهنجون کڻڻ واريون قربانيون، ۽ هر قسم جي وڻن جو ميوو، شراب ۽ تيل، ڪاهنن وٽ، پنهنجي خدا جي گهر جي ڪوٺين ۾ آڻينداسين؛ ۽ پنهنجي زمين جي پيدائش جو ڏهون حصو لاوين وٽ آڻينداسين: ڇالاءِ جو اسانجن پوک وارن سڀني شهرن ۾ لاوي ڏهون حصو وٺندا آهن.


۽ ڪاهن، جو هارون جو پٽ آهي، سو لاوين جي ڏهين حصي اُڳاڙڻ وقت ساڻن حاضر رهندو: ۽ لاوي انهيءَ ڏهين حصي جو ڏهون حصو، اسان جي خدا جي گهر جي ڪوٺين ۾، خزاني جي گهر ۾ آڻيندا.


انهيءَ ڏينهن خزاني وارين ڪوٺين تي، کڻڻ وارين قربانين لاءِ، پهرين ڦرن لاءِ، ۽ ڏهاڪيءَ لاءِ، ماڻهو مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ شهرن جي ٻنين موجب، جيڪي حصا شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر ڪيل هئا، سي انهن ۾ آڻي گڏ ڪن: ڇالاءِ جو يهوداہ ڪاهنن لاءِ، ۽ خدمت ڪندڙ لاوين لاءِ بہ خوشيون ڪيون.


۽ زربابل جي ڏينهن ۾، ۽ نحمياہ جي ڏينهن ۾، سڀ اسرائيلي ڳائڻ وارن، ۽ دربانن جي لاءِ روزمرہ جي گهرج موجب حصا ڏيندا هئا؛ ۽ هو لاوين جي لاءِ ڌار ڪندا هئا، ۽ لاوي هارون جي پٽن لاءِ ڌار ڪندا هئا.


پوءِ سڄي يهوداہ، اَن، ۽ شراب، ۽ تيل جي ڏهاڪي خزانن ۾ آندي.


سندس لاءِ هڪڙي وڏي ڪوٺي تيار ڪئي هئي، جتي اڳي کاڌي جون قربانيون، لوبان ۽ باسڻ ۽ اَن جون ڏهاڪيون، شراب ۽ تيل، جو حڪم موجب لاوين ۽ ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبو هو، ۽ ڪاهنن جي لاءِ کڻڻ جون قربانيون، رکڻ ۾ اينديون هيون.


۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين ڄاڻندا تہ مون اهو حڪم اوهان تي انهيءَ لاءِ موڪليو آهي تہ منهنجو عهد اقرار لاويءَ جي گهراڻي سان قائم رهي.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ پوري ڏهاڪي انبارخاني ۾ آڻيو، تہ منهنجي گهر ۾ کاڌو هجي، ۽ انهيءَ سان مون کي آزمايو، تہ آءٌ اوهان جي لاءِ آسمان جون دريون کولي برڪت ٿو وسايان يا نہ، يعني اهڙي برڪت جو انهيءَ کي گڏ ڪرڻ لاءِ جاءِ ڪونہ بچندي.


۽ ڏسو، مون اوهان جي ڀائرن، يعني بني لاوين کي بني اسرائيل مان ورتو آهي: اهي اوهان کي خداوند جي لاءِ بخشش طور ڏنا ويا آهن، تہ جماعت واري تنبوءَ ۾ خدمت ڪن.


لاويءَ جي قبيلي وارن کي ويجهو آڻي هارون ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪر، تہ اهي هن جي خدمت ڪن.


۽ جيڪي جوان جنگ تي ويا هئا، تن کان تون خداوند جي لاءِ محصول اُڳاڙ: پنجن پنجن سون مان هڪڙو ساهوارو، جهڙو ماڻهن مان تهڙو ڍورن، گڏهن ۽ ڌڻن مان:


پر جنهن کي ڪلام جي تعليم ٿي ملي، تنهن کي گهرجي تہ تعليم ڏيڻ واري کي سڀني چڱين شين ۾ پاڻ شريڪ ڪري.


انهن کي کائڻ لاءِ هڪ جيترو حصو ملندو، ۽ جيڪي هن جي اباڻي ملڪيت جي وڪري مان پيدا ٿئي، سو بہ ملندس.


۽ ليويءَ جي اولاد مان، جي کي ڪهانت جو عهدو مليو، تن کي حڪم آهي تہ شريعت موجب اُمت کان يعني پنهنجن ڀائرن کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اُهي ابراهيم جي اولاد مان ئي پيدا ٿيا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ