Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 18:19 - Sindhi Bible

19 پاڪ شيون جيڪي بني اسرائيل خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن، تن مان کڻڻ واريون قربانيون، مون تو کي ۽ تو سان گڏ تنهنجن پٽن ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن: اهو تنهنجي لاءِ ۽ توسان گڏ تنهنجي اولاد جي لاءِ، خداوند جي حضور ۾ هميشہ جي واسطي لوڻ جو عهد آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيل بني اسرائيل جي خاص قربانين مان مخصوص حصا آءٌ تو کي، تنهنجي پٽن کي ۽ تنهنجين ڌيئرن کي هميشہ جو حق ڪري ڏيان ٿو. اهو تو سان ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد سان مون خداوند جو هميشہ جي لاءِ اڻٽٽ عهد آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 18:19
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي پئسا خطا جي قربانين جا، ۽ گناهہ جي قربانين جا هوندا هئا، سي خداوند جي گهر ۾ نہ آڻيندا هئا: اُهي ڪاهنن کي ملندا هئا.


اوهان کي ايترو معلوم نہ آهي ڇا، تہ خداوند، اسرائيل جي خدا، دائود کي اسرائيل تي هميشہ جي لاءِ بادشاهي ڏني، جهڙو هن کي، تهڙو سندس پٽن کي، ۽ اُها هن لوڻ جي عهد اقرار موجب ڏني آهي؟


تنهن کانسواءِ يروشلم جي رهاڪن کي هن حڪم ڏنو تہ ڪاهنن ۽ لاوين جو حصو ڏين، تہ هو خداوند جي شريعت جي ڪم ۾ پاڻ کي مشغول رکن.


۽ تون هارون ۽ سندس پٽن جي مخصوصيت واري گهٽي جو سينو، جيڪو قربانيءَ لاءِ لوڏيو وڃي، ۽ کڻڻ واري قربانيءَ جي دستي، جيڪا مٿي کنئي وڃي، تن کي مخصوص ڪج.


۽ تون هنن کي خداوند جي اڳيان آڻج، ۽ ڪاهن انهن تي لوڻ وجهن، ۽ اُهي هنن کي خداوند جي لاءِ ساڙڻ جي قرباني ڪري پيش ڪن.


تون جيڪا بہ کاڌي جي قرباني پيش ڪرين، تنهن ۾ ضرور لوڻ وجهج؛ تون پنهنجي کاڌي جي قرباني ۾ پنهنجي خدا جي عهد جو لوڻ بند نہ ڪج: تون پنهنجين سڀني قربانين سان گڏ لوڻ پيش ڪج.


هو پنهنجي خدا جي مانيءَ مان ڀلي کائي، پوءِ اها کڻي پاڪ ترين يا پاڪ مڪان جي هجي.


۽ انهن مان هرهڪ قربانيءَ منجهان هڪڙي هڪڙي ماني هو کڻڻ واري قربانيءَ طور خداوند جي اڳيان پيش ڪري: اها انهي ڪاهن جي ٿيندي، جو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو رت ڇاٽاريندو.


۽ هنن جي نذر مان، کڻڻ واري قرباني تنهنجي ٿيندي، يعني بني اسرائيل جون سڀ کڻڻ واريون قربانيون، مون تو کي، ۽ تو سان گڏ تنهنجن پٽن، ۽ تنهنجين ڌيئرن کي، هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن: تنهنجي گهر ۾ جيڪو بہ پاڪ هوندو، سو انهن مان کائيندو.


۽ خداوند هارون کي فرمايو تہ ڏس، مون پنهنجون کڻڻ واريون قربانيون تنهنجي حوالي ڪيون آهن، يعني بني اسرائيل جون سڀ پاڪ شيون توکي ڏنيون اٿم: مسح ڪرڻ جي ڪري مون اهي تو کي، ۽ تنهنجن پٽن کي، هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن.


انهن جي اڌ حصي مان اهو وٺي، خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قربانيءَ طور اليعزر ڪاهن کي ڏي.


۽ اهو محصولي حصو، جو خداوند جي لاءِ کڻڻ واري قربانيءَ طور هو، سو موسيٰ اليعزر ڪاهن کي ڏنو، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


پر پنهنجون پاڪ شيون انهي هنڌ کڻي وڃج جو خداوند چونڊيندو:


۽ اتي اوهين پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون، ۽ پنهنجا ڏهان حصا، ۽ پنهنجي هٿ جون مٿي کنيل قربانيون، ۽ پنهنجون مڃتائون، ۽ پنهنجون خوشيءَ جون قربانيون، ۽ پنهنجي ڍورن ۽ ڌڻن جا پهريان ٻچا پيش ڪجو:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ