Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 18:16 - Sindhi Bible

16 انهن مان جن جو عيوضو ڏيڻو آهي، سي جڏهن هڪ مهيني جا ٿين، تڏهن انهن کان تنهنجي ٺهرايل انداز موجب، عبادتگاهہ جو مشقال، جنهن ۾ ويهہ جيراہ ٿا ٿين، اهڙا پنج مشقال وٺج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 اُهي ٻار جڏهن هڪ مهيني جا ٿين تہ انهن جي عيوضي جي قيمت عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق چانديءَ جا پنج سڪا جنهن ۾ سٺ گرام ٿين ٿا، وٺي کين ڇڏي ڏي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 18:16
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي هن ريت صدقو ڏين: جيڪو ماڻهو شمار ٿيندڙن ۾ شامل ٿئي، سو عبادتگاهہ جي مشقال جهڙو اڌ مشقال ڏئي، (هڪڙو مشقال ويهن جيراهن جي برابر آهي): يعني هو اڌ مشقال خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي.


جيڪو سون عبادتگاهہ جي سڀني ڪمن ۾ استعمال ڪيو ويو، يعني نذراني وارو سون، سو سڀ اوڻٽيهہ قنطار ۽ ست سؤ ٽيهہ مشقال هو؛ ۽ اهي مشقال عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هئا.


۽ شيڪل ۾ ويهہ جيرا هئڻ گهرجن: ويهہ شيڪل، پنجويهہ شيڪل، ۽ پندرهن شيڪل اوهان جو مانہ ٿيندو.


۽ تنهنجا سڀ انداز پاڪ مڪان جي مشقال موجب ٿيندا: ۽ هڪڙي مشقال ۾ ويهہ جيراہ ٿيندا.


سڀني جاندارن مان پيٽ جو پهريون ڦل، جنهن کي اهي خداوند جي لاءِ نذر ڪندا، سو تنهنجو ٿيندو، پوءِ اهو انسان جو هجي توڙي حيوان جو: پر تون انسان جي پهرين ڄاولن لاءِ عيوضو وٺي اُنهن کي ڇڏي ڏج، ۽ ناپاڪ حيوانن جي پهرين ڄاولن جو بہ تون عيوضو وٺج.


پر ڳئون جي پهرئين ڄاول ٻچي جو، يا رڍ جي پهرئين ڄاول ٻچي جو، يا ٻڪريءَ جي پهرئين ڄاول ٻچي جو عيوضو نہ وٺج؛ اهي پاڪ آهن: انهن جو رت تون قربانگاهہ تي ڇاٽاري ڇڏج؛ ۽ انهن جي چرٻي باهہ سان ساڙيل قربانيءَ لاءِ ساڙي ڇڏج، تہ خداوند جي لاءِ چڱي خوشبوءِ ٿئي.


بني اسرائيل جي پهريتن ۾ جيڪي ٻہ سؤ ٽيهتر ڄڻا لاوين جي شمار کان وڌيڪ آهن، تن جو عيوضو ڏيئي ڇڏائڻ لاءِ،


تون انهن کان هڪڙي هڪڙي لاءِ پاڪ مڪان جي مشقال جهڙا پنج مشقال وٺ؛ هڪڙي مشقال ۾ ويهہ جيرہ آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ