Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 18:12 - Sindhi Bible

12 سڀ کان چڱو تيل، ۽ سڀ کان چڱي مئي، ۽ سڀ کان چڱو اَن، يعني انهن جو پهريون ڦل، جو اهي خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا، سو مون تو کي ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 زيتون جي تيل، مئي ۽ اناج مان سڀ کان بهترين يعني پهرين پيداوار بني اسرائيل مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪندا آهن سا آءٌ تو کي ڏيان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 18:12
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شل خدا توکي آسمان جي ماڪ، زمين جو سڻڀ، ۽ ججهو اَن ۽ مئي ڏئي.


۽ بعل سليسہ مان هڪڙو ماڻهو اُتي آيو، ۽ اُنهيءَ خدا جي مرد لاءِ پهرئين فصل جي ماني آندي، يعني جَوَن جون ويهہ مانيون، ۽ تازا اَن جا سنگ، پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ آندائين. ۽ هن چيو تہ اهي بہ هنن ماڻهن کي ڏي تہ کائين.


۽ جنهن وقت اهو ڪم جاري ٿيو، تنهن وقت بني اسرائيل، اَن ۽ شراب، ۽ تيل ۽ ماکي، ۽ ٻنيءَ جي هر قسم جي پيدائش مان پهريون ڦر گهڻي انداز ۾ آڻي ڏنو، ۽ سڀني شين جو ڏهون حصو هنن گهڻوئي آڻي حاضر ڪيو.


هو تنهنجين سرحدن ۾ سلامتي ٿو آڻي؛ ۽ توکي تمام عمدي ڪڻڪ سان ڀرپور ٿو ڪري.


هو جيڪر کين چڱي ۾ چڱي ڪڻڪ کارائي: آءٌ هوند توکي ٽڪر جي ماکيءَ مان ڍءُ ڪرايان.


تون پنهنجيءَ ٻنيءَ جي پيدائش ۽ ميون جي رس مان نذراني ڏيڻ ۾ دير نہ ڪج. تون پنهنجن پٽن مان پهريتو پٽ مون کي ڏج.


تون پنهنجي زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.


تون پنهنجيءَ زمين جي پيدائش مان پهريون ڦل خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ آڻج. تون ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌج.


۽ سڀ ڪنهن شيءِ جي پهرين ڦرن مان پهريان، ۽ اوهانجين سڀني قربانين مان سڀ ڪنهن شيءِ جي قرباني ڪاهنن جي ٿيندي: پنهنجو پهريون ڳوهيل اٽو بہ اوهين ڪاهنن کي ڏجو، تہ اوهان جي گهر تي برڪت اچي.


اوهين پهريون ڦل خداوند جي حضور ۾ قربانيءَ طور پيش ڪجو: پر اهي چڱيءَ خوشبوءِ جي لاءِ قربانگاهہ تي ساڙيا نہ وڃن.


جيڪڏهن تون پنهنجي پهرئين ڦل جي قرباني، خداوند جي حضور ۾ کاڌي جي قربانيءَ طور پيش ڪرين، تہ پنهنجي اَن جا پهريان سنگ باهہ ۾ ڀُڃي، اُنهن سنگن مان ڪٽيل اَن ڪڍي، اهو کاڌي جي قربانيءَ وانگر پيش ڪج.


اوهين پنهنجن گهرن مان هڪڙي ايفہ جي پنجين حصي جون ٻہ مانيون لوڏڻ جي لاءِ آڻجو: اهي ميدي جون هجن، ۽ خمير گڏي پچائجن، تہ خداوند جي لاءِ پهرئين ڦر جي قرباني ٿئي.


۽ ڪاهن انهن کي پهرئين ڦل واري مانيءَ سان گڏ، خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قرباني ڪري لوڏي، اهي خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندا ۽ ڪاهن کي ملندا.


جيڪي ماڻهو ڍڳي يا گهيٽي جي قرباني چاڙهيندا، تن مان ڪاهنن جو حق هي ٿيندو، يعني اهي ڪاهن کي انهي جو ڪنڌو، ۽ ٻئي ڳل، ۽ اوجهري ڏين.


تون پنهنجي ان مان، ۽ پنهنجي شراب مان، ۽ پنهنجي تيل مان پهريون ڦل، ۽ پنهنجين رڍن جي پهرين اُن، انهن کي ڏج.


تڏهن جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهي هنڌ کڻي وڃج، جو خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي.


هن انهن کي ڳئن جو مکڻ، ۽ رڍن جو کير، ۽ گهيٽن جي چرٻي، ۽ بسن جي نسل جا گهٽا، ۽ ٻڪر، ڪڻڪ جي اٽي سميت ڏنا؛ تو انگور جي رس جو شراب پيتو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ