Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 18:1 - Sindhi Bible

1 پوءِ خداوند هارون کي فرمايو تہ پاڪ مڪان جي بابت خطا جو بار تو تي، ۽ توسان گڏ تنهنجن پٽن تي، ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻي تي ايندو؛ ۽ تنهنجيءَ ڪهانت جي خطا جو بار تو تي، ۽ توسان گڏ تنهنجن پٽن تي ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 خداوند هارون کي فرمايو تہ ”مقدس خيمي بابت ڪنهن بہ خطا جي ذميواري تو تي، تنهنجي پٽن تي ۽ تنهنجي اباڻي قبيلي لاويءَ تي آهي. باقي ڪهانت جي خطا جي ذميواري رڳو تو تي ۽ تنهنجي پٽن تي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 18:1
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اها هارون جي پيشانيءَ تي رهندي، ۽ بني اسرائيل پنهنجي پاڪ نذرانن ۾ جيڪي پاڪ شيون آڻيندا، تن جا ڏوهہ هارون کڻندو؛ ۽ اها هميشہ سندس پيشانيءَ تي رهندي، انهي لاءِ تہ هو خداوند جي حضور ۾ قبول پون.


هو پنهنجي جان جي ڏکن جو ڦل ڏسي راضي ٿيندو: منهنجو راستباز بندو پنهنجي علم جي ڪري گهڻن کي سچار ٺهرائيندو: هو انهن جون خطائون کڻندو.


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


تنهن کانسواءِ تون پنهنجي کٻي پاسي تي ليٽ، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جو گناهہ انهي تي رک: جيترا ڏينهن تون انهي تي ليٽيو پيو هوندين، اوترا هنن جا گناهہ تون کڻندين.


اوهان گناهہ جي قرباني پاڪ جاءِ ۾ ويهي ڇو نہ کاڌي، جنهن صورت ۾ اها تمام پاڪ آهي، ۽ خداوند اوهان کي انهي لاءِ ڏني آهي، تہ اوهين جماعت جو گناهہ کڻي، خداوند جي حضور ۾ انهي جي لاءِ ڪفارو ڪريو؟


۽ انهي ڪري هنن تي گناهہ جو بار نہ وجهن: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان، جو کين پاڪ ٿو ڪريان.


تنهنڪري هو منهنجو حڪم ياد رکن، متان هو انهي جي ڪري گنهگار ٿين، ۽ انهي جي بي حرمتي ڪرڻ ڪري مري پون: آءٌ خداوند آهيان، جو کين پاڪ ٿو ڪريان.


جيترن ڏينهن ۾ اوهان انهي ملڪ جي جاسوسي ڪئي آهي، يعني چاليهن ڏينهن ۾، انهن مان هرهڪ ڏينهن لاءِ هڪ سال تائين، يعني چاليهن سالن تائين اوهين پنهنجين براين جو بار کڻندا، ۽ منهنجي وڇوڙي جي اوهان کي خبر پوندي.


۽ هن توکي، ۽ توسان گڏ تنهنجن سڀني ڀائرن کي، يعني لاويءَ جي گهراڻي کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ هاڻي اوهين ڪهانت ۾ بہ اکيون ٿا وجهو ڇا؟


جيڪو ماڻهو خداوند جي خيمي جي ويجهو ٿو اچي، سو مري ٿو: اسين سڀ نابود ٿي وينداسين ڇا؟


۽ تون لاويءَ جي لٺ تي هارون جو نالو لک: ڇالاءِ جو هنن جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي رئيسن مان هرهڪ جي لاءِ هڪ لٺ هئڻ گهرجي.


۽ موسيٰ اُهي شاهديءَ واري تنبوءَ ۾ خداوند جي حضور ۾ آڻي رکيون.


۽ هنن جي نذر مان، کڻڻ واري قرباني تنهنجي ٿيندي، يعني بني اسرائيل جون سڀ کڻڻ واريون قربانيون، مون تو کي، ۽ تو سان گڏ تنهنجن پٽن، ۽ تنهنجين ڌيئرن کي، هميشہ جو حق ڪري ڏنيون آهن: تنهنجي گهر ۾ جيڪو بہ پاڪ هوندو، سو انهن مان کائيندو.


لاويءَ جي قبيلي وارن کي ويجهو آڻي هارون ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪر، تہ اهي هن جي خدمت ڪن.


انهي وقت خداوند لاويءَ جي قبيلي کي ڌار ڪيو، تہ اهي خداوند جي عهد جي صندوق کڻن، ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي انهي جي خدمت ڪن، ۽ سندس نالو وٺي برڪت ڏين، جيئن اڄ ڏينهن تائين ٿيندو اچي.


جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن جا تابعدار ۽ فرمانبردار رهو: ڇالاءِ جو هو اوهانجن روحن جي فائدي لاءِ انهن وانگر سجاڳ ٿا رهن، جن کي حساب ڏيڻو پوندو؛ تان تہ هو اِهو ڪم خوشيءَ سان ڪن، نہ رنج سان، ڇالاءِ جو انهيءَ طرح اوهان کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.


ڇالاءِ جو اسان جو سردار ڪاهن اهڙو ناهي جو اسان جي ڪمزورين ۾ اسان سان همدردي ڪري نہ سگهي، پر اهڙو آهي جو سڀني ڳالهين ۾ اسان وانگر آزمايو ويو، تہ بہ بيگناهہ رهيو.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي.


۽ ميڪاہ انهيءَ لاوي جو تقرر ڪيو، ۽ اُهو جوان ماڻهو سندس ڪاهن ٿيو، ۽ ميڪاہ جي گهر ۾ رهندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ