Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 17:8 - Sindhi Bible

8 ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ شاهديءَ واري تنبوءَ ۾ ويو، تڏهن ڇا ٿو ڏسي تہ هارون واري لٺ، جا لاويءَ جي گهراڻي لاءِ هئي، تنهن ۾ مکڙيون ڦٽيون آهن، ۽ گل نڪتا آهن، ۽ پڪيون باداميون لڳيون آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن موسيٰ مقدس خيمي ۾ داخل ٿيو، تڏهن ڇا ڏسي تہ هارون واري لٺ جا لاويءَ قبيلي مان ڏنل هئي، سا تہ ڦٽي نڪتي آهي. منجھس مُکڙيون ۽ گل نڪتا آهن ۽ پڪل باداميون جھليون اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 17:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ ڊاک جي ول ۾ ٽي ٽاريون هيون: ۽ ائين ٿي ڏسڻ ۾ آيو تہ ڄڻ انهيءَ ٻور ڪيو ۽ منجهس گل بہ نڪتا؛ ۽ انهيءَ جي ڇڳن ۾ پڪل ڊاک بہ نڪتي:


خداوند صيون مان تنهنجي زور جي لٺ موڪليندو: سو تون پنهنجي دشمنن تي حڪومت هلاءِ.


جيئن جهنگ جي وڻن ۾ صوف جو وڻ، تيئن منهنجو محبوب نوجوانن ۾ آهي. آءٌ ڏاڍي خوشيءَ سان هن جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيس، ۽ هن جو ميوو مون کي مٺو لڳو.


انهي ڏينهن جيڪي اسرائيل مان ڀڄي نڪتا هوندا تن لاءِ خداوند جي ٽاري سهڻي ۽ شاندار ٿيندي، ۽ زمين جي اُپت انهن جي لاءِ تمام عمدي ۽ وڻندڙ ٿيندي.


۽ جهنگ جا سڀ وڻ ڄاڻندا تہ مون، خداوند، اهو وڏو وڻ هيٺ ڪيرايو آهي، ۽ ننڍي وڻ کي وڌائي مٿي ڪيو اٿم؛ ۽ سائي وڻ کي سُڪائي ڇڏيو اٿم، ۽ سُڪل وڻ کي سائو ڪري وڌايو اٿم: مون خداوند اها ڳالهہ ڪئي آهي ۽ اهو ڪم ڪيو اٿم.


پر اُها ڪاوڙ ۾ پَٽي ويئي، ۽ زمين تي اُڇلائي ويئي، ۽ اُڀرندي جي واءُ ان جو ڦر سُڪائي ڇڏيو: ان جون مضبوط ڪاٺيون ڀڄي ڪومائجي ويون، ۽ باهہ انهن کي ساڙي ٻاري ڇڏيو.


۽ ان جي ٽارين جي ڪاٺيءَ مان باهہ نڪتي آهي، جنهن اُن جو ڦر ساڙي ڇڏيو آهي، جنهنڪري انهي ۾ اهڙي ڪا مضبوط ڪاٺي ڪانهي جا ڪنهن بادشاهہ جي چوب ٿئي. اهو هڪڙو مرثيو آهي، ۽ مرثيي جي بجاءِ رهندو.


پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽوليءَ کي چيو تہ سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي، ۽ ڪير پاڪ آهي، ۽ ڪنهن کي هو پاڻ وٽ ٿو سڏي؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي هو پسند ڪندو، تنهن کي ئي پاڻ وٽ سڏيندو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن ماڻهوءَ کي آءٌ پسند ڪندس تنهن جي لٺ ۾ مکڙيون ڦٽي نڪرنديون، ۽ تنهنجي برخلاف بني اسرائيل جي ڪرڪر آءٌ پاڻ تان لاهي ڇڏيندس.


تڏهن موسيٰ سڀ لٺيون خداوند جي حضور مان کڻي، سڀني بني اسرائيلين وٽ آنديون، ۽ هنن ڏٺو، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ پنهنجي لٺ ورتي.


انهي ۾ سونو خوشبودان، ۽ عهد جي صندوق هئي، جا چوڌاري سون سان مڙهيل هئي، ۽ منجهس من سان ڀريل هڪڙو سونو ٿانءُ، ۽ هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جهليون، ۽ عهد جون تختيون هيون؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ