Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 16:9 - Sindhi Bible

9 اوهين اها خسيس ڳالهہ ٿا سمجهو ڇا جو خدا اوهان کي بني اسرائيل جي جماعت مان چونڊي ڌار ڪيو آهي، ۽ اوهان کي پاڻ وٽ سڏيو اٿس؛ انهي لاءِ تہ اوهين خداوند جي خيمي جي خدمت ڪريو، ۽ جماعت جي سامهون بيهي سندن ٽهل ڪريو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ڇا اها ننڍي ڳالهہ آهي جو بني اسرائيل جي خدا اوهان کي پنهنجي قوم مان چونڊي ڌار ڪيو آهي تہ جيئن اوهين کيس ويجھا وڃو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند جي مقدس خيمي جي خدمت ڪريو ۽ قوم جي سامهون بيهي انهن جي بہ ديني خدمت ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 16:9
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هن چيس تہ اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا، جو تو منهنجي مڙس کي پنهنجو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هاڻي منهنجي پٽ جا دودا بہ وٺڻ ٿي گهرين؟ تنهن تي راخل چيس تہ چڱو ڀلا تنهنجي پٽ جي دودن جي عيوض اڄ رات هو توسان سمهندو.


تہ بہ اي خداوند خدا، اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي، ۽ تو پنهنجي ٻانهي جي گهراڻي بابت آئيندہ جي گهڻي عرصي تائين ذڪر ڪيو آهي؛ ۽ اهو بہ، اي خداوند خدا، ماڻهن جي دستور موجب!


۽ لاوين، جن ساري اسرائيل کي تعليم ٿي ڏني ۽ جي خداوند جي لاءِ پاڪ هئا، تن کي هن چيو تہ جيڪو گهر سليمان بن دائود، اسرائيل جي بادشاهہ جوڙايو، تنهن ۾ پاڪ صندوق وڃي رکو: اڳتي وري اوهانجن ڪلهن تي بار ڪونہ پوندو: هاڻي خداوند پنهنجي خدا ۽ ان جي قوم اسرائيل جي خدمت ڪندا رهو.


انهيءَ ڏينهن خزاني وارين ڪوٺين تي، کڻڻ وارين قربانين لاءِ، پهرين ڦرن لاءِ، ۽ ڏهاڪيءَ لاءِ، ماڻهو مقرر ڪيا ويا، انهيءَ لاءِ تہ شهرن جي ٻنين موجب، جيڪي حصا شريعت موجب ڪاهنن ۽ لاوين لاءِ مقرر ڪيل هئا، سي انهن ۾ آڻي گڏ ڪن: ڇالاءِ جو يهوداہ ڪاهنن لاءِ، ۽ خدمت ڪندڙ لاوين لاءِ بہ خوشيون ڪيون.


۽ هن چيو تہ اي دائود جا گهراڻا، هاڻي اوهين ٻڌو؛ ماڻهن کي ٿڪائڻ اوهان جي لاءِ ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو اوهين منهنجي خدا کي بہ ٿڪائيندا؟


اها ڪا اوهان جي نظر ۾ هلڪي ڳالهہ آهي ڇا تہ اوهين چڱو چارو پئي چريا آهيو، ۽ جيڪي باقي بچيو سو اوهان پنهنجن پيرن سان لتاڙي خراب ڪيو؟ يا اوهان صاف پاڻي پيتو، ۽ جيڪي باقي بچيو سو اوهان پنهنجن پيرن سان لتاڙي ڪِنو ڪيو؟


هو ڀلي منهنجي پاڪ مڪان ۾ گهڙي اچن ۽ منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ منهنجي ميز کي ويجها اچن، ۽ منهنجين شين جي سنڀال ڪن.


پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن.


اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي انهي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهين، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ انهي لاءِ تہ اسان کي بيابان ۾ مارين، ۽ وري اسان جي مٿان حڪومت ٿو هلائين؟


پوءِ موسيٰ قورح کي چيو تہ اي بني لاويءَ جا گهراڻا، هاڻي ٻڌو:


لاويءَ جي قبيلي وارن کي ويجهو آڻي هارون ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪر، تہ اهي هن جي خدمت ڪن.


۽ تون لاوين کي هارون ۽ سندس پٽن جي حوالي ڪري ڇڏ: اهي بني اسرائيل جي پاران هن کي ڏنا ويا آهن.


جڏهن هنن روزا رکي خداوند جي عبادت پئي ڪئي، تڏهن پاڪ روح چين تہ جنهن ڪم لاءِ مون برناباس ۽ شائول کي چونڊيو آهي، تنهن ڪم لاءِ کين منهنجي واسطي ڌار ڪريو.


پر منهنجي نظر ۾ اها ڳالهہ تمام خسيس آهي تہ اوهين يا ڪابہ انساني عدالت منهنجي جاچ ڪري، بلڪ آئون پاڻ بہ پنهنجي جاچ نٿو ڪريان.


انهي وقت خداوند لاويءَ جي قبيلي کي ڌار ڪيو، تہ اهي خداوند جي عهد جي صندوق کڻن، ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي انهي جي خدمت ڪن، ۽ سندس نالو وٺي برڪت ڏين، جيئن اڄ ڏينهن تائين ٿيندو اچي.


۽ سائول جي نوڪرن اها ڳالهہ دائود جي ڪن ۾ چئي. ۽ دائود چيو تہ آءٌ غريب ۽ حقير سمجهيل آهيان، تڏهن بادشاهہ جو ناٺي ٿيڻ اوهان کي ڪا جهڙي تهڙي ڳالهہ نظر ٿي اچي ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ