Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 16:46 - Sindhi Bible

46 ۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون پنهنجو واسوڙو کڻ، ۽ قربانگاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهي تي رک، ۽ انهي تي لوبان وجهہ، ۽ جلد اهو کڻي جماعت ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند جو غضب نازل ٿيو آهي، ۽ طاعون شروع ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

46 پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”تون پنهنجو لوبان‌دان کڻ، قربان‌گاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهيءَ تي رک ۽ انهيءَ تي لوبان وجھہ. تون اهو کڻي جلدي قوم ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪر، ڇو تہ خداوند جو غضب نازل ٿي چڪو آهي ۽ وبا شروع ٿي چڪي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 16:46
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يوآب بن ضروياہ آدمشماري شروع ڪئي پر پوري نہ ڪيائين؛ ۽ انهي ڪري خداوند جو غضب اسرائيل تي ڀڙڪيو؛ نڪي ماڻهن جو شمار بادشاهہ دائود جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيو ويو.


انهيءَ طرح انهن پنهنجي ڪمن جي ڪري کيس غصو ڏياريو؛ ۽ منجهن طاعون اچي پيو.


شل منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ لوبان وانگي ٿئي؛ ۽ منهنجي هٿن جو مٿي کڻڻ سانجهيءَ جي قربانيءَ وانگر ٿئي.


۽ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن اليعزر ۽ اتمر کي چيو، تہ اوهين پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙيو، ۽ نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيو؛ متان اوهين مري وڃو، ۽ متان هو ساريءَ جماعت تي ڪاوڙجي: پر اوهان جا ڀائر، يعني اسرائيل جو سڄو گهراڻو، ڀلي تہ انهن جي لاءِ جن کي خداوند ساڙيو آهي ماتم ڪن.


۽ خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي ۽ قربانگاهہ تي جيڪا سوختني قرباني ۽ چرٻي رکيل هئي، تنهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين: ۽ جڏهن سڀني ماڻهن اهو حال ڏٺو، تڏهن نعرا هڻي سجدو ڪيائون.


هن جي اڳيان مري ٿي ويئي؛ ۽ هن جي پيرن وٽان باهہ جا تير ٿي نڪتا.


ڇالاءِ جو صبح کان وٺي شام تائين قومن ۾ منهنجي نالي جي وڏائي ٿي ٿئي؛ ۽ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ سڀ ڪنهن جاءِ تي منهنجي لاءِ خوشبوءِ ٿا چاڙهين ۽ پاڪ نذرانا ٿا آڻين، ڇالاءِ جو قومن ۾ منهنجو نالو عظيم آهي.


پر لاوي پنهنجا تنبو شاهديءَ جي خيمي جي آس پاس هڻن؛ انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جي جماعت تي غضب نازل نہ ٿئي، ۽ لاوي شاهديءَ جي خيمي جي نگهباني ڪن.


اهو گوشت اڃا سندن ڏندن جي وچ ۾ هو، ۽ اڃا اهو چٻيو ئي ڪين هئائون، تہ خداوند کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ خداوند ماڻهن کي وڏي طاعون سان ماريو؛


۽ اوهين پاڪ مڪان جي ۽ قربانگاهہ جي حفاظت ڪجو: تہ اڳتي وري بني اسرائيل تي غضب نازل نہ ٿئي.


۽ اهو هن جي لاءِ، ۽ هن کان پوءِ سندس اولاد جي لاءِ، هميشہ جي ڪهانت جو عهد ٿيندو؛ ڇالاءِ جو هو پنهنجي خدا جي لاءِ غيرت وارو ٿيو، ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ڪيائين.


۽ انهي اسرائيلي ماڻهوءَ جي پٺيان تنبوءَ ۾ وڃي انهن ٻنهي، يعني انهي اسرائيلي مرد، ۽ انهيءَ زال جو پيٽ ونڌي ڇڏيائين. انهيءَ طرح بني اسرائيل مان طاعون بند ٿيو.


۽ بني اسرائيل مان سڀيئي لاوي، مون هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا آهن؛ انهيءَ لاءِ تہ هو جماعت واري تنبوءَ ۾، بني اسرائيل جي عيوض خدمت ڪن، ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ڪندا رهن؛ تہ جڏهن بني اسرائيل پاڪ مڪان جي ويجهو اچن، تڏهن منجهن طاعون نہ پوي.


۽ تبعيرہ ۽ مساہ ۾، ۽ قبروت هتاوہ ۾ بہ، اوهان خداوند کي ڪاوڙايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ