Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 16:41 - Sindhi Bible

41 پر ٻئي ڏينهن بني اسرائيل جي جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي تہ اوهان خداوند جي ماڻهن کي ماريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

41 ٻئي ڏينهن بني اسرائيل قوم موسيٰ ۽ هارون جي خلاف شڪايت ڪرڻ لڳي تہ ”اوهان خداوند جي ماڻهن کي ماريو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 16:41
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب ايلياہ کي ڏٺو تڏهن اخي آب هن کي چيو تہ اي اسرائيل کي تڪليف ڏيڻ وارا، اهو تون آهين ڇا؟


پر انهن جلد ئي هنجي ڪمن کي وساري ڇڏيو؛ ۽ سندس صلاح لاءِ ڪين ترسيا:


تنهن ڪري هن چيو تہ آءٌ هنن کي برباد ڪندس، پر سندس چونڊيل موسيٰ اچي وچ ۾ سندس حضور ۾ بيٺو تہ هن جي ڪاوڙ کي ٽاري تہ متان هو انهن کي برباد ڪري ڇڏي.


اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.


تڏهن اميرن بادشاهہ کي چيو تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو جيڪي جنگي ماڻهو هن شهر ۾ بچيا آهن تن جا، ۽ باقي سڄي قوم جا هٿ، اهڙين ڳالهين ٻڌائڻ سان هو ضعيف ٿو ڪري: هن ڪري جو هي ماڻهو هن قوم جي خير خواهي نہ پر نقصان ٿو ڳولهي.


پر باروڪ بن نيرياہ توکي اسان جي برخلاف چوري ٿو تہ اسان کي ڪسدين جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي، تہ ڀلي هو اسان کي مارائي ڇڏين ۽ اسان کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي وڃن.


تڏهن امصياہ بيت ايل جي ڪاهن اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ڏي چوائي موڪليو تہ عاموس اسرائيل جي گهراڻي جي وچ ۾ تنهنجي برخلاف منصوبو ٻَڌو آهي: ۽ ملڪ هن جون ڳالهيون سهي نٿو سگهي.


۽ بني اسرائيل موسيٰ ۽ هارون تي ڪُرڪڻ لڳا، ۽ ساريءَ جماعت انهن کي چيو تہ اسين مصر جي ملڪ ۾ مري وڃون ها تہ چڱو هو، يا هن بيابان ۾ مري وڃون ها تہ چڱو هو!


مبارڪ اوهين تڏهن آهيو، جڏهن منهنجي نالي ماڻهو اوهان کي طعنا هڻندا، ۽ ستائيندا، ۽ بي گناهہ اوهان تي هر طرح جي تهمت لڳائيندا.


۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ اي اسرائيل جا رهاڪو، مدد ڪريو: هيءُ اُهو ماڻهو آهي جو جتي ڪٿي سڀني ماڻهن کي اُمت، ۽ شريعت، ۽ هن مڪان جي برخلاف سيکاريندو وتي. تنهن کانسواءِ هي يونانين کي بہ هيڪل ۾ وٺي آيو آهي ۽ هن پاڪ مڪان کي پليت ڪيو اٿس.


تہ اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪئي هئي تہ انهي نالي تعليم نہ ڏيو: پر ڏسو، اوهان سڄي يروشلم کي پنهنجيءَ تعليم سان ڀري ڇڏيو آهي، ۽ ڀانئيو ٿا تہ انهي جو خون اسان جي سر تي هڻو.


نڪي اوهين ڪُرڪو ڪنجهو، جيئن هنن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ برباد ڪرڻ واري برباد ڪري ڇڏين.


عزت ۽ بي عزتيءَ سان، بدناميءَ ۽ نيڪ ناميءَ سان؛ ٺڳن وانگر، مگر سچار؛


اهي ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، ۽ پنهنجين بڇڙين خواهشن تي هلندڙ آهن، ۽ سندن وات مان وڏيون ٻٽاڪون پيون نڪرن؛ ۽ هو فائدي جي لاءِ ماڻهن جي پاسخاطري ٿا ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ