Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 16:38 - Sindhi Bible

38 اهي گنهگار، جيڪي پنهنجيءَ حياتيءَ جا دشمن ٿيا، تن جي واسوڙن کي ڪٽي، قربانگاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا جوڙيو، ڇو جو هنن اهي خداوند جي حضور ۾ نذر ڪيا، تنهنڪري اهي پاڪ آهن؛ ۽ اهي بني اسرائيل جي لاءِ هڪڙي نشاني ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

38 اهي تڏهن پاڪ ٿيا هئا جڏهن مون خداوند جي آڏو پيش ڪيا ويا هئا. سو اهي گنهگار جيڪي پنهنجن گناهن جي ڪري موت جو شڪار ٿي ويا، تن جي لوبان‌دانن کي ڪُٽي قربان‌گاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا ٺاهيو. اها بني اسرائيل جي لاءِ چتاءَ جي هڪڙي نشاني ٿيندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 16:38
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ سليمان خداوند جو قسم کڻي چيو تہ جيڪڏهن ادونياہ اها ڳالهہ خود پنهنجي جان جي برخلاف نہ ڪئي هجي تہ خدا مون سان بہ ائين ڪري بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


ڇالاءِ جو اُهي پنهنجي ئي خون جي لاءِ منتظر ٿي ٿا ويهن، ۽ پنهنجين ئي حياتين لاءِ ڳجهيءَ طرح لڪي ٿا ويهن.


بادشاهہ جي ڪاوڙ شينهن جي گجڻ وانگر آهي: جيڪو انهيءَ کي چيڙائي ڪاوڙ ڏياري ٿو سو پنهنجي ئي حياتيءَ جي برخلاف گناهہ ڪري ٿو.


پر جيڪو منهنجي برخلاف گناهہ ڪري ٿو سو پنهنجي روح تي ظلم ٿو ڪري: جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا سي سڀ موت کي پيار ٿا ڪن.


تنهن ڪري هاڻي خداوند، لشڪرن جو خدا، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇو اوهين پنهنجن جانين جي برخلاف هيءَ وڏي خرابي ٿا ڪريو، جو يهوداہ جي وچان اوهان مان مرد، ۽ زال، ۽ ٻار ۽ کير پياڪ وڍيا وڃن، ۽ ڪوبہ ڪونہ بچي؛


۽ آءٌ انهي ماڻهوءَ جي برخلاف پنهنجو منهن ڪندس، ۽ انهي کي عبرت ۽ نشانيءَ ۽ پهاڪي جي بجاءِ ڪندس، ۽ انهي کي پنهنجي قوم مان وڍي ڇڏيندس؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


تو گهڻين ئي قومن کي وڍڻ سان پنهنجي گهراڻي جي لاءِ خواري هٿ ڪئي آهي، ۽ پنهنجي روح جي برخلاف گناهہ ڪيو اٿيئي.


هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر کي چئُہ تہ سڙيل ڍير مان واسوڙا ڪڍي وٺي، ڇالاءِ جو اهي پاڪ آهن؛ ۽ تون باهہ کي هيڏانهن هوڏانهن پکيڙي ڇڏ.


تڏهن اليعزر ڪاهن، اهي پتل جا واسوڙا کنيا، جي سڙي ويل ماڻهن نذر ڪيا هئا، ۽ انهن کي ڪٽي قربانگاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا جوڙيائين،


تہ بني اسرائيل جي يادگيريءَ لاءِ هڪڙو نشان ٿئي؛ انهي لاءِ تہ ڪوبہ ڌاريو ماڻهو، جو هارون جي نسل مان نہ هجي، سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي، تہ هن جو حال قورح ۽ سندس ٽوليءَ جهڙو نہ ٿئي؛ جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت هن کي فرمايو هو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ هارون جي لٺ شاهديءَ جي صندوق جي سامهون رک، تہ فساد ڪندڙن لاءِ نشاني ٿي رهي، ۽ اهي منهنجي برخلاف جيڪا ڪرڪر ٿا ڪن، سا تون بند ڪري ڇڏين، تہ متان هو مري وڃن.


۽ جڏهن باهہ اڍائي سؤ ماڻهن کي ڀسم ڪري ڇڏيو، ۽ اها ٽولي مري ويئي، تڏهن زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ انهن کي قورح سميت ڳهي ويئي، ۽ اُهي عبرت جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيا.


هاڻي اهي ڳالهيون اُنهن سان ٿيون تہ هو عبرت وٺن، ۽ اسين جي آخرين زماني ۾ آهيون تن جي نصيحت لاءِ اهي لکيون ويون.


۽ سدوم ۽ عموراہ جي شهرن کي برباديءَ جي سزا ڏيئي ساڙي رک ڪري ڇڏيائين، تان تہ اڳتي بي دينن جي لاءِ عبرت جو مثال ٿين؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ