Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 16:32 - Sindhi Bible

32 ۽ زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ هنن کي، هنن جي گهر ٻار کي، ۽ جن ماڻهن جو قورح سان واسطو هو، تن سڀني کي، سندن مال متاع سميت ڳهي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 زمين وات پٽيو ۽ هنن کي سندن گھر ٻار سميت ۽ قورح سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي سندن مال ملڪيت سميت ڳهي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 16:32
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هاڻي جنهن زمين تنهنجي هٿان تنهنجي ڀاءُ جو رت وٺڻ لاءِ پنهنجو وات پٽيو آهي، تنهن جي ئي طرفان تون لعنتي ٿيو آهين؛


قهات جا پٽ؛ سندس پٽ ابينداب، انهيءَ جو پٽ قورح، انهيءَ جو پٽ اسير؛


بن تحت، بن اسير، بن ابي آسف، بن قورح؛


تڏهن زمين ڦاٽي ۽ داتن کي ڳهي ويئي، ۽ ابيرام جي ٽوليءَ کي کائي ويئي.


جيئن ڪو هر ڏيئي زمين کي چيريندو آهي، تيئن اسان جون هڏيون قبر جي منهن تي پکڙيل آهن.


اي لشڪرن جا خداوند، تنهنجا خيما ڪهڙا نہ دل پسند آهن!


اي خداوند تون پنهنجي ملڪ تي مهربان ٿيو آهين؛ ۽ يعقوب جي قيدين کي موٽائي آندو اٿيئي.


اي خداوند، اي منهنجي نجات جا خدا، مون رات ڏينهن تنهنجي حضور ۾ دانهون ڪيون آهن.


زمين بلڪل ڀڄي پئي آهي، زمين اصل زبون ٿي وئي آهي، زمين تمام گهڻي ڏڪي وئي آهي.


تنهن ڪري دوزخ پنهنجي خواهش وڌائي آهي، ۽ پنهنجو وات انداز کان ٻاهر پٽيو آهي: ۽ سندس شريف ۽ انهن جا رذيل، ۽ انهن جو تجمل، ۽ جيڪو بہ خوش ٿو رهي، سو انهيءَ ۾ پوي ٿو.


۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجو واسوڙو کڻي انهي تي لوبان وجهي، ۽ هرڪو پنهنجو واسوڙو خداوند جي حضور ۾ آڻي، انهيءَ طرح اڍائي سؤ واسوڙا ٿين، تون، ۽ هارون بہ پنهنجو پنهنجو واسوڙو آڻيو.


پر جيڪڏهن خداوند ڪا نئين واردات ڪري، ۽ زمين پنهنجو وات ڦاڙي هنن کي سندن سموري ملڪيت سميت ڳهي وڃي، ۽ هو جيئرا ئي اوڙاهہ ۾ پون، تہ پوءِ سمجهجو تہ هنن خداوند جي بي ادبي ڪئي آهي.


۽ هيئن ٿيو جو اڃا هن ايترو ڳالهائي بس ڪئي، تہ هنن جي هيٺان زمين ڦاٽي پيئي؛


انهيءَ طرح هو، ۽ ٻيا جيڪي سندن هئا، سي سڀ جيئري ئي وڃي اوڙاهہ ۾ پيا؛ پوءِ زمين انهن جي مٿان پورجي ويئي، ۽ اهي جماعت منجهان نابود ٿي ويا.


هاڻي جيڪي طاعون ۾ مئا، سي چوڏهن هزار ۽ ست سؤ هئا، سواءِ انهن جي جيڪي قورح واري حادثي ۾ مئا هئا.


۽ جڏهن باهہ اڍائي سؤ ماڻهن کي ڀسم ڪري ڇڏيو، ۽ اها ٽولي مري ويئي، تڏهن زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ انهن کي قورح سميت ڳهي ويئي، ۽ اُهي عبرت جي لاءِ هڪڙو نشان ٿيا.


اسان جو پيءُ بيابان ۾ مري ويو، پر هو انهن ماڻهن ۾ شامل ڪونہ هو، جي قورح جي ٽوليءَ ۾ خداوند جي برخلاف گڏ ٿيا هئا: پر هو پنهنجي گناهہ ۾ مري ويو؛ ۽ کيس پٽ ڪونہ هو.


اوهين بني قهات جي خاندان واري قبيلي کي، لاوين مان تباهہ ٿيڻ نہ ڏيو:


۽ روبن جي پٽ الياب جي پٽن داتن ۽ ابيرام جو ڪهڙو حال ڪيائين؟ ڪيئن زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ انهن کي، ۽ انهن جي گهر ٻار کي، ۽ انهن جي تنبن کي، ۽ جن ساهوارن جو انهن سان واسطو هو، تن سڀني کي اسرائيل جي وچ مان ڳهي ويئي:


پر زمين انهيءَ زال جي مدد ڪئي، ۽ زمين پنهنجو وات پَٽي جيڪا ندي ازدها پنهنجي وات مان ڪڍي هئي، سا ڳڙڪائي ويئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ