Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 16:31 - Sindhi Bible

31 ۽ هيئن ٿيو جو اڃا هن ايترو ڳالهائي بس ڪئي، تہ هنن جي هيٺان زمين ڦاٽي پيئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 هن اڃا ايترو چئي بس ڪئي تہ سندن پيرن هيٺان زمين ڦاٽي پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 16:31
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

زمين بلڪل ڀڄي پئي آهي، زمين اصل زبون ٿي وئي آهي، زمين تمام گهڻي ڏڪي وئي آهي.


پر جيڪڏهن خداوند ڪا نئين واردات ڪري، ۽ زمين پنهنجو وات ڦاڙي هنن کي سندن سموري ملڪيت سميت ڳهي وڃي، ۽ هو جيئرا ئي اوڙاهہ ۾ پون، تہ پوءِ سمجهجو تہ هنن خداوند جي بي ادبي ڪئي آهي.


۽ زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ هنن کي، هنن جي گهر ٻار کي، ۽ جن ماڻهن جو قورح سان واسطو هو، تن سڀني کي، سندن مال متاع سميت ڳهي ويئي.


۽ ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ جڏهن اسان جا ڀائر خداوند جي حضور ۾ مري ويا تڏهن اسين بہ مري وڃون ها تہ چڱو هو!


اسان جو پيءُ بيابان ۾ مري ويو، پر هو انهن ماڻهن ۾ شامل ڪونہ هو، جي قورح جي ٽوليءَ ۾ خداوند جي برخلاف گڏ ٿيا هئا: پر هو پنهنجي گناهہ ۾ مري ويو؛ ۽ کيس پٽ ڪونہ هو.


۽ روبن جي پٽ الياب جي پٽن داتن ۽ ابيرام جو ڪهڙو حال ڪيائين؟ ڪيئن زمين پنهنجو وات پٽيو، ۽ انهن کي، ۽ انهن جي گهر ٻار کي، ۽ انهن جي تنبن کي، ۽ جن ساهوارن جو انهن سان واسطو هو، تن سڀني کي اسرائيل جي وچ مان ڳهي ويئي:


افسوس آهي انهن تي، ڇالاءِ جو هو قائن جي واٽ تي هليا، ۽ لالچ جي ڪري بلعام جهڙيءَ گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا، ۽ قوراہ وانگر مخالفت ڪري برباد ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ