Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 16:30 - Sindhi Bible

30 پر جيڪڏهن خداوند ڪا نئين واردات ڪري، ۽ زمين پنهنجو وات ڦاڙي هنن کي سندن سموري ملڪيت سميت ڳهي وڃي، ۽ هو جيئرا ئي اوڙاهہ ۾ پون، تہ پوءِ سمجهجو تہ هنن خداوند جي بي ادبي ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

30 پر جيڪڏهن خداوند ڪا نئين واردات ڪري ۽ زمين پنهنجو وات ڦاڙي هنن کي سندن سموري مال ملڪيت سميت ڳهي وڃي ۽ هو جيئرا ئي وڃي قبر داخل ٿين تہ پوءِ سمجھجو تہ هنن خداوند جي توهين ڪئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 16:30
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مٿان خدا وٽان ڪهڙو حصو آهي، قادر مطلق وٽان ورثو ڪهڙو آهي؟


اهو بدڪارن جي لاءِ آفت نہ آهي ڇا؟ ۽ گناهہ ڪندڙن جي لاءِ مصيبت ناهي ڇا؟


تہ جڏهن انهن جي ڪاوڙ اسان تي ڀڙڪو کاڌو، تڏهن اهي اسان کي جيئرو ئي ڳڙڪائي وڃن ها:


ڀلي تہ انهن تي اوچتو موت اچي، ۽ ڀلي تہ اهي جيئري ئي وڃي قبر ۾ پون: ڇو جو بڇڙائي انهن جي گهرن ۾، بلڪ خود منجهن آهي.


ڇالاءِ جو خداوند اهڙو اُٿلندو جهڙو پراضيم جبل تي، ۽ اهڙو ڪاوڙبو جهڙو جبعون جي واديءَ ۾؛ انهي لاءِ تہ هو پنهنجو ڪم، بلڪ پنهنجو عجيب ڪم ڪري، ۽ پنهنجو عمل، بلڪ پنهنجو عجيب عمل آڻي پورو ڪري.


ڏسو، آءٌ هڪڙو نئون ڪم ڪندس؛ اهو هينئر ظاهر ٿيندو ڇا؛ اوهين انهي کان ناواقف رهندا؟ بلڪ آءٌ بيابان ۾ رستو ٺاهيندس، ۽ رڻ پٽ ۾ نديون وهائيندس.


مون زمين جوڙي آهي، ۽ انهيءَ تي انسان پيدا ڪيو اٿم: مون، يعني منهنجي هٿن، آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ انهي جي سموري لشڪر تي حڪم هلايو اٿم.


آءٌ روشنائي جوڙيان ٿو، ۽ اونداهي پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ سلامتي ٿو آڻيان، ۽ مصيبت پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ اهو خداوند آهيان جو اهي سڀ ڪم ٿو ڪريان.


اي نٺر ڌيءَ، ڪيستائين تون هيڏي هوڏي پئي رلندينءَ؟ خداوند زمين تي هڪڙي نئين شيءِ پيدا ڪئي آهي، يعني زال مڙس کي گهيري ويندي.


انهي لاءِ تہ پاڻي جي ڀرسان بيٺل سڀني وڻن مان ڪوبہ پاڻ کي قد ۾ نہ وڌائي، ۽ نہ پنهنجي چوٽي ٿلهن ڏارن ۾ رکي، ۽ انهن ۾ جيڪي زور وارا آهن، يعني جي پاڻي پيئن ٿا، سي سڀ ڊگها ٿي نہ بيهي رهن: ڇالاءِ جو اُهي سڀ موت جي حوالي ڪيا ويا آهن، ۽ زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾، ماڻهن جي وچ ۾ انهن سان گڏ مري کڏ ۾ ٿا وڃن.


۽ هيئن ٿيو جو اڃا هن ايترو ڳالهائي بس ڪئي، تہ هنن جي هيٺان زمين ڦاٽي پيئي؛


انهيءَ طرح هو، ۽ ٻيا جيڪي سندن هئا، سي سڀ جيئري ئي وڃي اوڙاهہ ۾ پيا؛ پوءِ زمين انهن جي مٿان پورجي ويئي، ۽ اهي جماعت منجهان نابود ٿي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ