Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 16:3 - Sindhi Bible

3 اهي موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف اچي گڏ ٿيا، ۽ انهن کي چوڻ لڳا تہ اوهين وڏي اختياري ٿا هلايو. جڏهن جماعت جو هرهڪ ماڻهو پاڪ آهي، ۽ خداوند انهن منجهہ آهي، تہ پوءِ اوهين پاڻ کي خداوند جي جماعت کان وڏا ڇو ٿا سمجهو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اهي موسيٰ ۽ هارون جي اڳيان اچي گڏ ٿيا ۽ کين چيائون تہ ”اوهين تہ حد لنگھي ويا آهيو. جڏهن تہ قوم جو هر هڪ ماڻهو مخصوص آهي ۽ خداوند اسان سڀني سان آهي تہ پوءِ اوهين ڇو پنهنجو پاڻ کي خداوند جي قوم کان مٿاهون ٿا سمجھو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 16:3
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو هنن انهن جون ڌيئرون پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن پٽن جي لاءِ ورتيون آهن؛ جنهن ڪري پاڪ نسل وارا، ملڪن جي ٻين قومن سان گڏجي پيا آهن: هائو، انهيءَ گناهہ ۾ اميرن ۽ حاڪمن جو هٿ زيادہ آهي.


انهن منزلگاهہ ۾ موسيٰ سان، ۽ خداوند جي مقدس هارون سان حسد ڪيو.


خدا جا رٿ ويهہ هزار آهن، بلڪ هزارن جا هزار: ۽ جيئن خداوند سينا جبل تي پاڪ مڪان ۾ آهي، تيئن انهن ۾ آهي.


۽ اوهين منهنجي لاءِ هڪڙي ڪاهنن جي بادشاهت، ۽ هڪڙي پاڪ قوم ٿيندا. اهي ڳالهيون تون بني اسرائيل کي بيان ڪري ٻڌاءِ.


۽ اهي هن ملڪ جي رهاڪن کي ٻڌائيندا: انهن ٻڌو آهي تہ تون خداوند هن اُمت ۾ آهين؛ ڇو جو تون خداوند هنن کي روبرو ڏيکاري ٿو ڏين، ۽ تنهنجو ڪڪر هنن جي مٿان ٿو بيهي، ۽ تون ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ جي صورت ۾، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ جي صورت ۾ هنن جي اڳيان ٿو هلين.


تنهنڪري تون، ۽ تنهنجي سڄي ٽولي خداوند جي برخلاف گڏ ٿيا آهيو؛ هارون ڪير آهي، جنهن جي برخلاف اوهين ڪرڪر ٿا ڪريو؟


پر ٻئي ڏينهن بني اسرائيل جي جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳي، ۽ چوڻ لڳي تہ اوهان خداوند جي ماڻهن کي ماريو آهي.


۽ سڀاڻي خداوند جي حضور ۾ انهن تي ٽانڊا رکي مٿن لوبان وجهو: پوءِ هيئن ٿيندو تہ جنهن ماڻهوءَ کي خداوند پسند ڪندو، سو پاڪ ٿيندو: اي لاويءَ جا گهراڻا اوهين ڏاڍي زوراوري ٿا ڪريو.


هن يعقوب ۾ ڪا بڇڙائي ڪانہ ڏٺي آهي، نڪي اسرائيل ۾ ڪا خرابي ڏٺي اٿس: خداوند هن جو خدا، هن سان آهي، ۽ بادشاهہ جي للڪار هنن منجهہ آهي.


جنهن ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا، ۽ جنهن ملڪ ۾ آءٌ بہ ٿو رهان، تنهن کي پليت نہ ڪجو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند بني اسرائيل جي وچ ۾ ٿو رهان.


اهو مرد هجي توڙي زال، پر اوهين انهي کي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍجو؛ تہ جنهن منزلگاهہ ۾ آءٌ رهان ٿو، تنهن کي پليت نہ ڪن.


۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي مرضي نہ هئي تہ کيس مڃيون، بلڪ هن کي پاڻ وٽان ڌڪي ڪڍيائون، ۽ سندن دلين جو لاڙو مصر ڏانهن ٿيو،


اوهين جي ضدي، ۽ دل ۽ ڪَنن جا نامختون آهيو، سي هميشہ پاڪ روح جو مقابلو ٿا ڪريو، جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا ڪندا هئا، تيئن اوهين بہ ٿا ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ