Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 16:19 - Sindhi Bible

19 سو قورح، پنهنجي سڄي ٽولي، هنن جي برخلاف جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي گڏ ڪئي؛ تڏهن خداوند جو جلال سڄي جماعت جي روبرو ظاهر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 پوءِ قورح پنهنجو سڄو ٽولو گڏ ڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ موسيٰ ۽ هارون جي منهن مقابل آڻي بيهاريو. تڏهن اوچتو خداوند جو جلال سڀني جي روبرو ظاهر ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 16:19
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هارون، بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي ائين چيو، تڏهن هنن بيابان ڏانهن نظر ڪئي تہ اوچتو خداوند جو جلال ڪڪر ۾ ظاهر ٿيو.


۽ صبح جو اوهين خداوند جو جلال ڏسندا، ڇالاءِ جو اوهين جيڪي خداوند جي برخلاف شڪايتون ٿا ڪريو، سي هن ٻڌيون آهن: اسين ڪير آهيون جن جي برخلاف اوهين ڪُر ڪُر ٿا ڪريو؟


پوءِ موسيٰ ۽ هارون جماعت واري تنبوءَ ۾ ويا، ۽ اتان ٻاهر اچي ماڻهن کي برڪت ڏنائون: ۽ خداوند جو جلال سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيو.


۽ موسيٰ چيو، تہ جنهن ڪم ڪرڻ جو خداوند اوهان کي حڪم ڏنو آهي سو هي آهي: ۽ خداوند جو جلال اوهان تي ظاهر ٿيندو.


پوءِ خداوند ڪڪر جي ٿنڀ ۾ لٿو، ۽ تنبوءَ جي در تي اچي بيٺو، ۽ هارون ۽ مريم کي سڏيائين: ۽ اهي ٻئي آيا.


پر ساري جماعت چوڻ لڳي تہ هنن کي سنگسار ڪريو. تڏهن خداوند جو جلال سڀني بني اسرائيلين جي روبرو جماعت واري تنبوءَ ۾ ظاهر ٿيو.


ان موجب هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجو پنهنجو واسوڙو کنيو، ۽ ان تي ٽانڊا رکي، مٿن لوبان وجهي، موسيٰ ۽ هارون سان گڏ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ اچي بيٺو.


۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اها جماعت موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف گڏ ٿي، تڏهن انهن جماعت واري تنبوءَ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ ڏسو، ڪڪر انهي کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيو.


اتي جماعت جي لاءِ پاڻي ڪونہ هو: ۽ ماڻهو موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف اچي گڏ ٿيا.


تڏهن موسيٰ ۽ هارون جماعت وٽان نڪري جماعت واري تنبوءَ جي در تي آيا، ۽ منهن ڀر ڪري سجدو ڪيائون: ۽ خداوند جو جلال مٿن ظاهر ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ