Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 16:17 - Sindhi Bible

17 ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجو واسوڙو کڻي انهي تي لوبان وجهي، ۽ هرڪو پنهنجو واسوڙو خداوند جي حضور ۾ آڻي، انهيءَ طرح اڍائي سؤ واسوڙا ٿين، تون، ۽ هارون بہ پنهنجو پنهنجو واسوڙو آڻيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 اوهان جي ٽولي جي اڍائي سؤ ماڻهن مان هر ڪو پنهنجو لوبان‌دان کڻي انهيءَ تي لوبان وجھي ۽ پوءِ اهو خداوند جي آڏو آڻي پيش ڪري. تون ۽ هارون بہ ائين ئي ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 16:17
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون انهيءَ جي لاءِ رک کڻڻ جا ٿانو، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ منگالا جوڙج، اهي سڀ ٿانو تون پتل جا جوڙج.


۽ اُتي اُنهن جي اڳيان اسرائيل جي گهراڻي جا بزرگ، ڪل ستر ڄڻا بيٺل آهن، ۽ انهن جي وچ ۾ يازنياہ بن سافن بيٺو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهو کي هٿ ۾ لوبان ساڙڻ جو باسڻ هو، ۽ لوبان جي دونهين جي بانس مٿي پئي چڙهي.


پوءِ موسيٰ قورح کي چيو تہ سڀاڻي تون پنهنجي سڄيءَ ٽوليءَ سميت، يعني تون، ۽ اهي، ۽ هارون، سڀيئي خداوند جي اڳيان حاضر ٿجو؛


ان موجب هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجو پنهنجو واسوڙو کنيو، ۽ ان تي ٽانڊا رکي، مٿن لوبان وجهي، موسيٰ ۽ هارون سان گڏ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ اچي بيٺو.


تنهنڪري هاڻي ماٺ ڪري بيهو، تہ جيڪي نيڪيءَ جا ڪم خداوند اوهان سان، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا، تن سڀني کي آءٌ خداوند جي اڳيان اوهان تي ثابت ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ