Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 16:16 - Sindhi Bible

16 پوءِ موسيٰ قورح کي چيو تہ سڀاڻي تون پنهنجي سڄيءَ ٽوليءَ سميت، يعني تون، ۽ اهي، ۽ هارون، سڀيئي خداوند جي اڳيان حاضر ٿجو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 پوءِ موسيٰ قورح کي چيو تہ ”سڀاڻي تون پنهنجي ٽولي جي ماڻهن سميت خداوند جي آڏو حاضر ٿجانءِ. هارون بہ اتي هوندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 16:16
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ بني اسرائيل جي ساريءَ جماعت کي چئُہ تہ خداوند جي حضور ۾ اچو: ڇالاءِ جو هن اوهان جي شڪايت ٻڌي آهي.


پوءِ خداوند، اوچتو موسيٰ کي، ۽ هارون کي، ۽ مريم کي چيو تہ اوهين ٽيئي جماعت واري تنبوءَ مان ٻاهر نڪري اچو، ۽ اهي ٽيئي ٻاهر نڪري آيا.


تڏهن موسيٰ ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ خداوند کي چيائين تہ تون انهن جي قرباني قبول نہ ڪر، مون انهن کان هڪڙو گڏهہ بہ ڪونہ ورتو آهي، نڪي هنن مان ڪنهن کي ڪو ايذاءُ رسايو اٿم.


۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجو واسوڙو کڻي انهي تي لوبان وجهي، ۽ هرڪو پنهنجو واسوڙو خداوند جي حضور ۾ آڻي، انهيءَ طرح اڍائي سؤ واسوڙا ٿين، تون، ۽ هارون بہ پنهنجو پنهنجو واسوڙو آڻيو.


اهي ڳالهيون کين ياد ڏيار، ۽ خداوند جي اڳيان کين تاڪيد ڪر تہ هو لفظن بابت بحث نہ ڪن، ڇو جو انهي مان ڪجهہ بہ حاصل نٿو ٿئي، بلڪ جيڪي ٻُڌن ٿا سي بگڙيو پون.


اِجهو آءٌ حاضر آهيان: خداوند جي اڳيان، ۽ سندس مسح ڪيل جي اڳيان، اوهين مون تي شاهدي ڏيو: مون ڪنهن جو ڏاند ورتو آهي؟ يا ڪنهن جو گڏهہ مون ورتو آهي؟ يا ڪنهن سان ٺڳي ڪئي اٿم، يا ڪنهن تي مون ظلم ڪيو آهي؟ يا ڪنهن جي هٿان مون رشوت وٺي انهي سان پنهنجون اکيون بند ڪيون آهن؟ تہ آءٌ اُها موٽائي اوهان کي ڏيان.


تنهنڪري هاڻي ماٺ ڪري بيهو، تہ جيڪي نيڪيءَ جا ڪم خداوند اوهان سان، ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن سان ڪيا، تن سڀني کي آءٌ خداوند جي اڳيان اوهان تي ثابت ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ