Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 16:14 - Sindhi Bible

14 تنهن کان سواءِ تو اسان کي انهي ملڪ ۾ بہ نہ پهچايو آهي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، نڪي اسان کي ٻنيون ۽ ڊاک جا منهہ ورثي ۾ ڏنا اٿيئي؛ تون هنن ماڻهن جون اکيون ڪڍي وٺندين ڇا؟ اسين ڪين اينداسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 تنهن کان سواءِ تو اسان کي آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ ڪونہ پهچايو آهي، نڪي اسان کي ٻنيون ۽ انگورن جا باغ ورثي ۾ ڏنا اٿيئي. هاڻ وري تون اسان جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي ڪوشش پيو ڪرين. اسين ڪونہ اينداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 16:14
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي جانور کي ڪا ٻني يا ڊاک جو منهہ کارائي، يا پنهنجو ڪو ڍور ٻئي ماڻهوءَ جي ٻنيءَ ۾ چرڻ لاءِ ڇڏي، تہ خود پنهنجي تمام ڀليءَ ٻنيءَ مان، يا پنهنجي عمدي ڊاک جي منهہ مان عيوضو ڀري ڏئي.


ڇهہ سال تون پنهنجيءَ زمين ۾ پوک ڪج، ۽ انهيءَ جو فصل لاهي گڏ ڪج:


پر ستين سال انهيءَ کي ساهي ڏج ۽ منجهس پوک نہ ڪج؛ انهي لاءِ تہ تنهنجيءَ قوم جا غريب کائي ڍءُ ڪن: ۽ جيڪي باقي بچائين، سو جهنگ جا ڍور چرن. تون پنهنجي ڊاک جي منهہ سان ۽ زيتونن جي باغ سان بہ ائين ئي ڪج.


۽ مون چيو آهي تہ اوهان کي مصر جي مصيبت مان ڪڍي، ڪنعانين، حتين، امورين، فريزين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻيندس، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.


۽ آءٌ انهيءَ لاءِ نازل ٿيو آهيان تہ هنن کي مصرين جي هٿان ڇڏايان، ۽ کين هن ملڪ مان ڪڍي، ٻئي ڪنهن چڱي ۽ وڏي ملڪ ۾ نيان؛ جتي کير ۽ ماکي پيئي وهندي هجي؛ يعني ڪنعانين، حتين، امورين،


پر مون اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين انهن جي زمين جا وارث ٿيندا، ۽ آءٌ اها اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيندس، جنهن زمين ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي.


۽ چيائونس تہ جنهن ملڪ ۾ تو اسان کي موڪليو هو، انهي ۾ اسين وياسين، ۽ سچ پچ انهي ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ هي انهي جو ميوو آهي.


جيڪڏهن خداوند اسان تي راضي هوندو تہ هو ضرور اسان کي انهي ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ اهو ملڪ اسان کي ڏيندو.


ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن خراب هنڌ آندو آهي؟ هيءَ زمين پوک جي يا انجيرن، يا ڊاک جي، يا ڏاڙهن جي لائق آهي ڇا؟ هتي تہ پيئڻ لاءِ پاڻي بہ ڪونهي.


۽ فلستين اچي پڪڙيس، ۽ سندس اکيون ڪڍي ڇڏيائون؛ ۽ غزہ ۾ وٺي آيس، ۽ پتل جي ٻيڙين سان ٻڌائونس؛ ۽ هو قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ لڳو.


۽ ناحس عمونيءَ هنن کي چيو، تہ انهي شرط تي آءٌ اوهان سان عهد ڪندس، تہ اوهانجون ساڄون اکيون ڪڍائي ڇڏيان؛ ۽ اهو خواريءَ جو عيب ساري اسرائيل تي رکان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ