Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 16:11 - Sindhi Bible

11 تنهنڪري تون، ۽ تنهنجي سڄي ٽولي خداوند جي برخلاف گڏ ٿيا آهيو؛ هارون ڪير آهي، جنهن جي برخلاف اوهين ڪرڪر ٿا ڪريو؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 هارون ڪير آهي، جنهن جي خلاف اوهين شڪايت ٿا ڪريو؟ حقيقت ۾ تون ۽ تنهنجو ٽولو خداوند جي ئي خلاف بغاوت ٿا ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 16:11
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بني قوري ۽ بني مراريءَ لاءِ اها هئي دربانن جي ترتيب.


انهن منزلگاهہ ۾ موسيٰ سان، ۽ خداوند جي مقدس هارون سان حسد ڪيو.


تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ اسان کي پاڻي ڏي تہ پيون. تڏهن موسيٰ هنن کي چيو تہ اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو، ۽ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟


پوءِ اُمت ڪُرڪڻ، ۽ خداوند جي ٻڌندي اجايون ڳالهيون ڪرڻ لڳي: ۽ جڏهن خداوند اهي ٻڌيون، تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو، ۽ خداوند جي باهہ انهن ۾ ٻرڻ لڳي، ۽ منزلگاهہ جو ٻاهريون ڀاڱو ساڙي ڇڏيائين.


پوءِ موسيٰ الياب جي پٽن داتن ۽ ابيرام کي گهرايو، پر هنن چيو تہ اسين ڪين اينداسين.


اهي موسيٰ ۽ هارون جي برخلاف اچي گڏ ٿيا، ۽ انهن کي چوڻ لڳا تہ اوهين وڏي اختياري ٿا هلايو. جڏهن جماعت جو هرهڪ ماڻهو پاڪ آهي، ۽ خداوند انهن منجهہ آهي، تہ پوءِ اوهين پاڻ کي خداوند جي جماعت کان وڏا ڇو ٿا سمجهو؟


۽ جيڪو اوهان جي ٿو ٻُڌي، سو منهنجي ٿو ٻُڌي؛ ۽ جيڪو اوهان کي نٿو مڃي، سو مون کي نٿو مڃي؛ ۽ جيڪو مون کي نٿو مڃي، سو اُنهي کي نٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جنهن کي آئون موڪليان ٿو، تنهن کي جيڪو قبول ٿو ڪري، سو مون کي ٿو قبول ڪري، ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.


جيسين اُها تو وٽ هئي، تيسين اها تنهنجي ملڪيت نہ هئي ڇا؟ ۽ وڪامڻ کانپوءِ بہ اُنهي جي قيمت تنهنجي قبضي ۾ نہ هئي ڇا؟ تو اها ڳالهہ پنهنجي دل ۾ ڪيئن رٿي؟ تو ماڻهن سان نہ، پر خدا سان ڪوڙ ڳالهايو.


تنهنڪري جيڪو حڪومت جي سامهون ٿو ٿئي، سو خدا جي حڪم جي مخالفت ٿو ڪري: ۽ جيڪي مخالفت ڪندا سي پنهنجي سزا لوڙيندا.


نڪي اوهين ڪُرڪو ڪنجهو، جيئن هنن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ برباد ڪرڻ واري برباد ڪري ڇڏين.


اپلوس ڪير آهي؟ ۽ پولس ڪير آهي؟ اُهي خادم آهن جن جي وسيلي اوهان ايمان آندو، ۽ جيئن هر ڪنهن کي خدا برڪت ڏني تيئن هن خدمت ڪئي.


اهي ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، ۽ پنهنجين بڇڙين خواهشن تي هلندڙ آهن، ۽ سندن وات مان وڏيون ٻٽاڪون پيون نڪرن؛ ۽ هو فائدي جي لاءِ ماڻهن جي پاسخاطري ٿا ڪن.


۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ جيڪي بہ اهي ماڻهو توکي چون سو تون ڪر: ڇالاءِ جو هنن توکي رد نہ ڪيو آهي، پر هنن مون کي رد ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ هنن جو بادشاهہ نہ ٿيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ