Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 16:10 - Sindhi Bible

10 ۽ هن توکي، ۽ توسان گڏ تنهنجن سڀني ڀائرن کي، يعني لاويءَ جي گهراڻي کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ هاڻي اوهين ڪهانت ۾ بہ اکيون ٿا وجهو ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اي قورح! هن تو کي ۽ تنهنجي سڀني لاوي ڀائرن کي چونڊي ڌار ڪيو آهي ۽ هاڻي وري اوهين ڪهانت ۾ بہ اکيون ٿا وجھو!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 16:10
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مغروريءَ مان فقط تڪرار پيدا ٿئي ٿو: پر چڱي صلاح مصلحت ڪرڻ وارن وٽ ڏاهپ آهي.


پوءِ خداوند هارون کي فرمايو تہ پاڪ مڪان جي بابت خطا جو بار تو تي، ۽ توسان گڏ تنهنجن پٽن تي، ۽ تنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻي تي ايندو؛ ۽ تنهنجيءَ ڪهانت جي خطا جو بار تو تي، ۽ توسان گڏ تنهنجن پٽن تي ايندو.


پر تون ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ، قربانگاهہ ۽ پردي جي اندر جي سڀ ڪم ڪار لاءِ، پنهنجي ڪهانت قائم رکجو، ۽ خدمت ڪجو: آءٌ ڪهانت جي خدمت اوهان کي بخشش طور ٿو ڏيان، ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو سو ماريو ويندو.


۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مقرر ڪر تہ اهي ڪهانت جي ڪم ۾ مشغول رهن: ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو اچي سو ماريو وڃي.


لاويءَ جي قبيلي وارن کي ويجهو آڻي هارون ڪاهن جي اڳيان حاضر ڪر، تہ اهي هن جي خدمت ڪن.


۽ منجهن اهو بہ تڪرار ٿيو تہ اسان سڀني ۾ وڏو ڪير ليکبو.


برادراني محبت سان هڪ ٻئي کي گهڻو پيار ڪريو؛ هڪ ٻئي کي پاڻ کان وڌيڪ عزت ڏيو؛


نفاق يا اجائي وڏائي جي ڪري ڪجهہ بہ نہ ڪريو؛ پر نماڻا ٿي هڪ ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجهو؛


مون ڪليسيا ڏانهن ڪي ڪجهہ لکيو هو؛ پر دياترفيس، جو هنن ۾ وڏو ٿيڻ ٿو گهُري، سو اسان کي قبول نٿو ڪري.


۽ ميڪاہ انهيءَ لاوي جو تقرر ڪيو، ۽ اُهو جوان ماڻهو سندس ڪاهن ٿيو، ۽ ميڪاہ جي گهر ۾ رهندو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ