Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 15:9 - Sindhi Bible

9 تڏهن اهو ماڻهو وهڙي سان گڏ هڪڙي ايفہ جي ٽئين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي اڌ جيتري تيل ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن اهو ماڻهو وهڙي سان گڏ ٽي ڪلوگرام ميدو ٻہ ليٽر تيل سان گڏي اناج جي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 15:9
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اُورنان دائود کي چيو تہ اهو ڀلي وٺ، ۽ جيئن منهنجي ڌڻيءَ بادشاهہ کي وڻي تيئن ڪري: ڏس آءٌ توکي سوختني قربانيءَ جي لاءِ ڏاند، ۽ ڪاٺين جي لاءِ ڳاهڻ جا اوزار، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ ڪڻڪ، سڀ ڏيان ٿو.


يعني نذر جي مانيءَ لاءِ، ۽ هميشہ جي کاڌي جي قربانيءَ، ۽ هميشہ جي سوختني قربانيءَ لاءِ، سبت جي ڏينهن، ۽ نئين چنڊ تي، مقرر عيدن لاءِ، ۽ پاڪ شين لاءِ، ۽ اسرائيل جو ڪفارو ڪرڻ واسطي گناهہ جي قربانين لاءِ، ۽ اسان جي خدا جي گهر جي هر قسم جي ڪم لاءِ.


تڏهن هن مون کي چيو تہ اُتر واريون ڪوٺيون ۽ ڏکڻ واريون ڪوٺيون، جي علحدي جاءِ جي اڳيان آهن، سي پاڪ ڪوٺيون آهن، جتي اُهي ڪاهن، جي خداوند جي حضوري ۾ وڃن ٿا، سي تمام پاڪ شيون کائيندا: اُتي هو تمام پاڪ شيون ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني رکن؛ ڇالاءِ جو اُها جاءِ پاڪ آهي.


۽ عيدن تي ۽ سڳورن وقتن تي کاڌي جي قرباني ڍڳي جي پٺيان هڪڙو ايفہ، ۽ گهٽي جي پٺيان هڪڙو ايفہ، ۽ گهيٽن جي لاءِ جيترو هو ڏيئي سگهي، ۽ ايفہ جي پٺيان تيل جو هڪڙو هين ٿيندو.


انهي طرح هو مدامي سوختني قربانيءَ لاءِ هر روز صبح جو اهو گهٽو، ۽ اها کاڌي جي قرباني، ۽ تيل تيار ڪندا رهندا.


۽ کاڌي جي قرباني گهٽي پٺيان هڪڙو ايفہ ٿيندي، ۽ گهيٽن جي لاءِ کاڌي جي قرباني جيتري هو ڏيئي سگهي، ۽ هڪ هڪ ايفہ جي پٺيان تيل جو هڪ هين.


۽ هو کاڌي جي قرباني تيار ڪندو، يعني ڍڳي پٺيان هڪڙو ايفہ، ۽ گهٽي پٺيان هڪڙو ايفہ، ۽ گهيٽن لاءِ جيترو وسعت آهر ڏئي سگهي: ۽ هڪ هڪ ايفہ جي پٺيان تيل جو هڪڙو هين.


کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني خداوند جي گهر کان وڍجي ويئي آهي؛ ڪاهن، جي خداوند جا خادم آهن، سي ماتم ڪندا.


ڪنهن کي خبر تہ هو نہ ڦرندو ۽ پنهنجي پٺيان برڪت نہ ڇڏي ويندو، يعني خداوند اوهان جي خدا لاءِ کاڌي جي قرباني ۽ پيئڻ واري قرباني؟


۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ بي عيب گهيٽا، ۽ هڪڙي بي عيب يڪسالي گهيٽي، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جي ٽيڻ جيترو تيل ۾ ڳوهيل ميدو، ۽ هڪڙو ماڻ تيل کڻي اچي.


۽ کاڌي جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: هارون جا پٽ اها قربانگاهہ جي سامهون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن.


اهو آهي سوختني قربانيءَ، ۽ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ گناهہ جي قربانيءَ، ۽ خطا جي قربانيءَ، مخصوصيت، ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ جو قاعدو؛


۽ تون پيئڻ واريءَ قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هين جي اڌ جيتري مئي، باهہ سان ساڙيل قربانيءَ لاءِ، خداوند جي حضور ۾ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي آڻي پيش ڪج.


۽ جڏهن تون سوختني قربانيءَ لاءِ، يا ڪا مڃت پوري ڪرڻ جي قربانيءَ لاءِ، يا سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ، ڪو وهڙو تيار ڪرين،


۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هرهڪ وهڙي جي لاءِ ميدي جي هڪڙي ايفہ جون ٽي ڏهايون، تيل ۾ گڏيل؛ ۽ گهٽي جي لاءِ ميدي جي هڪڙي ايفہ جو پنجون حصو، تيل ۾ گڏيل؛


۽ انهن سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ جي واسطي هڪ وهڙي جي پٺيان مئي جو اڌ هين، ۽ هڪڙي گهٽي جي پٺيان هين جو ٽيون حصو، ۽ هرهڪ گهيٽي جي پٺيان هين جو چوٿون حصو هئڻ گهرجي: اها سال جي سڀني مهينن لاءِ، هر مهيني جي سوختني قرباني آهي.


انهي کان سواءِ نئين چنڊ جي سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ هميشہ واري سوختني قرباني، ۽ انهيءَ سان گڏ کاڌي جي قرباني، ۽ انهن سان گڏ پيئڻ واريون قربانيون، اهي سڀ سندن قانون موجب پيش ڪندا رهجو، اها وڻندڙ خوشبوءِ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.


۽ جڏهن هن انهي جو کير ڇڏايو تڏهن انهي کي پاڻ سان وٺي ويئي، ۽ ٽي ڍڳا، ۽ هڪڙو ايفہ ميدو، ۽ هڪڙي شراب جي کلي بہ کنيائين، ۽ انهي کي سيلا ۾ خداوند جي گهر ۾ آندائين: ۽ اُهو ٻار ننڍو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ