Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 15:8 - Sindhi Bible

8 ۽ جڏهن تون سوختني قربانيءَ لاءِ، يا ڪا مڃت پوري ڪرڻ جي قربانيءَ لاءِ، يا سلامتيءَ جي قربانيءَ لاءِ، ڪو وهڙو تيار ڪرين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 جڏهن ڪو ماڻهو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ يا ڪنهن باس جي پوري ٿيڻ جي قربانيءَ لاءِ يا سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ مون خداوند واسطي ڪو وهڙو تيار ڪري،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 15:8
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن انهي جي قرباني ڍورن مان سوختني قرباني هجي، تہ اهو ڍور نر ۽ بي عيب هئڻ گهرجي: هو انهي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي پيش ڪري، تہ هو پاڻ خداوند جي حضور ۾ قبول پوي.


۽ هو انهي جا آنڊا ۽ پاوا پاڻيءَ سان ڌوئي؛ پوءِ ڪاهن اهي سڀ قربانگاهہ تي رکي، سوختني قرباني ڪري ساڙي، اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مڃت پوري ڪرڻ واسطي، يا خوشيءَ جي قربانيءَ لاءِ پنهنجن ڍورن، يا ڌڻن مان، خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪري؛ تہ انهي ۾ ڪو عيب نہ هجي، پر اُها بلڪل سالم هجي تہ قبول پوي.


۽ جيڪڏهن انهي جي قرباني سلامتيءَ جي قرباني هجي؛ ۽ هو ڪجهہ پنهنجي ڌڻ مان قربانيءَ لاءِ پيش ڪري، پوءِ اُهو نر هجي توڙي مادي، پر اهو خداوند جي حضور ۾ بي عيب پيش ڪري.


۽ هارون جا پٽ انهي کي قربانگاهہ جي ٻرندڙ ڪاٺين تي، سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙين: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


تہ پوءِ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن ڀل مان اوهان کان خطا ٿي هجي، ۽ جماعت کي انهيءَ جي خبر نہ پوي، تہ پوءِ ساري جماعت خداوند جي لاءِ خوشبوءِ ڪرڻ واسطي، هڪڙو وهڙو سوختني قربانيءَ لاءِ، انهي جي کاڌي جي قربانيءَ، ۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ سان گڏ دستوري حڪم موجب آڻي پيش ڪري؛ ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو ٻڪر پيش ڪري.


۽ پيئڻ واريءَ قربانيءَ لاءِ، هڪڙي هين جي ٽئين حصي جيتري مئي، خداوند جي لاءِ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي تيار ڪج.


تڏهن اهو ماڻهو وهڙي سان گڏ هڪڙي ايفہ جي ٽئين حصي جيترو ميدو، هڪڙي هين جي اڌ جيتري تيل ۾ گڏي، کاڌي جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري.


پوءِ هو هڪڙو وهڙو آڻين، ۽ انهي جي کاڌي جي قربانيءَ لاءِ تيل ۾ ڳوهيل ميدو آڻين، ۽ تون گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ٻيو وهڙو وٺ؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ