Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 15:40 - Sindhi Bible

40 پر منهنجن سڀني حڪمن کي ياد ڪري عمل ۾ آڻيو، ۽ پنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ ٿيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 پوءِ اوهان کي منهنجي سڀني حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ يادگيري رهندي ۽ اوهين منهنجي لاءِ مخصوص رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 15:40
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعني انهن تي جيڪي هن جي عهد کي مڃين ٿا، ۽ سندس حڪمن کي ياد رکي انهن تي عمل ٿا ڪن.


تون بني اسرائيل جي ساري جماعت سان گفتگو ڪري کين چئُہ، تہ اوهين پاڪ ٿيو؛ ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڪ آهيان.


تنهنڪري اوهين منهنجا حڪم مڃيندا رهجو، ۽ انهن تي عمل ڪجو: آءٌ خداوند آهيان.


آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهي لاءِ تہ اوهان جو خدا ٿيان: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


تنهنڪري، اي ڀائرو، آئون اوهان کي خدا جي رحمتن جو واسطو وجهي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجا بدن اهڙيءَ قربانيءَ ٿيڻ جي لاءِ نذر ڪريو جا زندہ، ۽ پاڪ، ۽ خدا کي پسند هجي، ۽ اُها ئي اوهان جي مناسب عبادت آهي.


جيئن تہ هن اسان کي جهان جي شروعات کان اڳ ۾ هن ۾ چونڊي ڪڍيو تہ اسين سندس اڳيان محبت ۾ پاڪ ۽ بي عيب ٿيون:


انهن پاڪ ٿيلن ۽ مسيح ۾ ايماندار ڀائرن ڏانهن، جي ڪلسيءَ ۾ آهن، اسان جي پيءُ خدا جو فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي.


ڇالاءِ جو خدا اسان کي ناپاڪيءَ جي لاءِ نہ، پر پاڪيزگيءَ جي لاءِ سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ