37 پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
37 خداوند موسيٰ کي بني اسرائيل بابت هي حڪم فرمايو تہ
سو ساريءَ جماعت هن کي منزلگاهہ جي ٻاهر آڻي سنگسار ڪيو، ۽ هو مري ويو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
تون بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ هو پنهنجين سڀني پيڙهين ۾، پنهنجن پهراڻن جي ڪنارن تي جهالرون لڳائين، ۽ هرهڪ ڪناري جي جهالر تي آسماني رنگ جي پٽي لڳائين.
۽ ڳوٺن، ۽ شهرن، ۽ ٻهراڙيءَ ۾، جتي ڪٿي هو ويو ٿي، اُتي بيمارن کي بازارن ۾ آڻي ٿي رکيائون، ۽ منٿ ڪري ٿي چيائونس تہ اسان کي رڳو پنهنجي ڪپڙي جي دامن کي هٿ لائڻ ڏي: ۽ جيترن هٿ لاتس، اوترا مڙيئي ڇُٽي چڱا ڀلا ٿي پيا.
جنهن ڪپڙي سان تون پاڻ کي ڍڪين، تنهن جي چئن ئي پاسن تي جهالر لڳائج.