34 ۽ انهن کيس پهري هيٺ رکيو، ڇالاءِ جو انهن کي اهو ڪونہ ڄاڻايل هو تہ هن سان ڪهڙي هلت ڪجي.
34 هنن کيس پهري هيٺ رکيو، ڇاڪاڻ تہ کين خبر ڪانہ هئي تہ هن سان ڇا ڪرڻ گھرجي.
۽ موسيٰ جيڪي ماڻهن سان ڪيو، سو جڏهن سندس سهري ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳو تہ تون ماڻهن سان هي ڇا ٿو ڪرين؟ ڇو تون پاڻ اڪيلو ويٺو آهين، ۽ ٻيا سڀيئي ماڻهو صبح کان وٺي سانجهيءَ تائين تنهنجي اڳيان بيٺا آهن؟
تڏهن موسيٰ پنهنجي سهري کي چيو تہ، ڇالاءِ جو ماڻهو خدا کان صلاح وٺڻ لاءِ مون وٽ ٿا اچن.
۽ هنن انهي ماڻهوءَ کي قيد ۾ رکيو، انهيءَ لاءِ تہ انهي جي بابت کين خداوند جو حڪم معلوم ٿئي.
۽ جن هن کي ڪاٺيون گڏ ڪندو ڏٺو، سي کيس موسيٰ، ۽ هارون، ۽ ساري جماعت وٽ وٺي آيا.
تڏهن موسيٰ چين تہ اوهين ترسو تہ مون کي خبر پوي تہ خداوند اوهان جي نسبت ۾ ڇا ٿو فرمائي.