33 ۽ جن هن کي ڪاٺيون گڏ ڪندو ڏٺو، سي کيس موسيٰ، ۽ هارون، ۽ ساري جماعت وٽ وٺي آيا.
33 جن هن کي ڪاٺيون ميڙيندي ڏٺو سي کيس موسيٰ، هارون ۽ سڄيءَ قوم وٽ وٺي آيا.
پوءِ اهي ڀلي هر وقت ماڻهن جي عدالت ڪندا رهن: ۽ هيئن ٿيڻ گهرجي تہ سڀ ڪو وڏو مقدمو هو تو وٽ آڻين، ۽ سڀ ڪو ننڍو مقدمو هو پاڻ هلائين: انهيءَ طرح تنهنجي لاءِ بہ وڌيڪ سولائي ٿيندي، ۽ انهيءَ بار کڻڻ ۾ هو تو سان ڀائيوار بہ ٿيندا.
جڏهن اڃا بني اسرائيل بيابان ۾ هئا، تڏهن هنن هڪڙي ماڻهوءَ کي سبت جي ڏينهن ڪاٺيون گڏ ڪندو ڏٺو.
۽ انهن کيس پهري هيٺ رکيو، ڇالاءِ جو انهن کي اهو ڪونہ ڄاڻايل هو تہ هن سان ڪهڙي هلت ڪجي.