ڳاڻاٽو 15:15 - Sindhi Bible15 جماعت جي لاءِ، يعني اوهان جي لاءِ، ۽ جيڪو پرديسي اچي اوهان سان گڏ رهي انهي جي لاءِ، اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ هڪڙو ئي قانون ٿيندو: خداوند جي اڳيان پرديسي مسافر بہ اهڙا ئي آهن، جهڙا اوهين آهيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible15 سڄيءَ قوم لاءِ يعني اوهان جي لاءِ ۽ جيڪو ڌاريو اچي اوهان سان گڏ رهي، تنهن جي لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي اهو ساڳيو ئي قانون آهي. اوهين ۽ اهي ڌاريا مون خدا جي نظر ۾ هڪجهڙا آهيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ سڀ اسرائيلي، ۽ سندن بزرگ، ۽ سندن عملدار، ۽ سندن قاضي، توڙي مسافر، ۽ ٻيا جيڪي منجهن پيدا ٿيا هئا، سي خداوند جي عهدنامي جي صندوق کڻڻ وارن لاوي ڪاهنن جي اڳيان، صندوق جي ٻنهي پاسن بيهي رهيا؛ انهن مان اڌ جيترا گرزيم جبل جي سامهون بيٺا، ۽ اڌ جيترا عيبال جبل جي سامهون؛ جيئن ڪ خداوند جي ٻانهي موسيٰ هنن کي اڳيئي حڪم ڏنو هو، تہ هو اسرائيل جي قوم کي دعا ڪن.