Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 14:40 - Sindhi Bible

40 ۽ اهي صبح جو سوير اُٿي جبل جي چوٽيءَ تي چڙهيا، ۽ چوڻ لڳا تہ جيتوڻيڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، پر اِجهو اسين هتي آيا آهيون، ۽ اچو تہ انهي هنڌ ڏانهن هلون، جنهن جو خداوند واعدو ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40 هو صبح جو سوير ئي اُٿي ڪنعان جي جابلو علائقي ڏانهن روانا ٿيندي چوڻ لڳا تہ ”اسين قبول ٿا ڪريون تہ اسان گناهہ ڪيو آهي. سو هاڻي اسين انهيءَ هنڌ ڏانهن ضرور وينداسين، جنهن جو خداوند واعدو ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 14:40
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀني ۾ اها خرابي آهي جا سج هيٺان آهي، تہ سڀني سان هڪڙي حالت لاڳو آهي: هائو، هيءَ بہ تہ انسان جي دل بديءَ سان ڀريل آهي، ۽ جيستائين هو جيئي ٿو تيستائين چريائي سندس دل ۾ آهي، ۽ تنهن کان پوءِ هو مئلن ۾ داخل ٿئي ٿو.


پر جيڪو ماڻهو ڄاڻي ٻجهي ڪو اهڙو ڪم ڪري، پوءِ اهو ملڪ ۾ ڄاول هجي، توڙي پرديسي هجي، تہ اهو خداوند جي لاءِ ڪفر ٿو بڪي؛ ۽ اهو شخص پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.


تڏهن بلعام خداوند جي فرشتي کي چيو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو مون کي خبر ڪانہ هئي تہ تون منهنجيءَ مخالفت ۾ رستي تي بيٺو آهين: سو هاڻي، جيڪڏهن تون خوش نہ هجين تہ آءٌ موٽي ويندس.


جڏهن هڪ دفعو گهر جو مالڪ اُٿيو ۽ در بند ڪيائين، ۽ اوهين ٻاهر بيهي در کڙڪائي چوڻ لڳندا تہ اي ڌڻي، اسان لاءِ در کول؛ ۽ هو جواب ڏيئي چوندو، تہ آئون اوهان کي نٿو سڃاڻان تہ ڪٿان جا آهيو.


تڏهن اوهان مون کي ورندي ڏيئي چيو، تہ اسان خداوند جي برخلاف گناهہ ڪيو آهي، اسين اڳتي وڃي، جيڪي خداوند اسان جي خدا اسان کي فرمايو آهي، تنهن موجب جنگ ڪنداسين، ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو جنگ جا هٿيار ٻڌي، جبل تي چڙهڻ لاءِ اڳرو ٿيو.


انهي موجب مون اوهان کي چيو، پر اوهان ڪين ٻڌو؛ ۽ اُٽلندو اوهان خداوند جي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ گستاخي ڪري جبل تي چڙهي ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ