4 ۽ هنن هڪ ٻئي کي چيو تہ اچو تہ هڪڙي کي پنهنجو سردار بنائي موٽي مصر ۾ هلون.
4 سو هنن هڪٻئي کي چيو تہ ”اچو تہ پنهنجو ڪو اڳواڻ بڻائي موٽي مصر ڏانهن هلون.“
۽ چوندا تہ نہ: اسين مصر جي ملڪ ۾ وينداسين، جتي اسين ڪابہ جنگ ڪانہ ڏسنداسين، ۽ نہ قرناءِ جو آواز ٻڌنداسين، ۽ نہ مانيءَ جي بک ڪڍنداسين؛ اُتي اسين رهنداسين:
پر سڄو مهينو کائيندا، جيسين ڪ اهو اوهانجين ناسن مان نڪري، ۽ اوهين انهي مان ڪڪ ٿي پئو؛ ڇالاءِ جو اوهان انهي خداوند جي حقارت ڪئي آهي، جو اوهان منجهہ آهي، ۽ انهي جي اڳيان روئي چيو اٿوَ تہ اسين ڇو مصر مان نڪري آياسين.
تڏهن موسيٰ ۽ هارون بني اسرائيل جي ساري جماعت جي سامهون منهن ڀر ڪري پيا.
لوط جي زال واري ڳالهہ ياد رکجو.
۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي مرضي نہ هئي تہ کيس مڃيون، بلڪ هن کي پاڻ وٽان ڌڪي ڪڍيائون، ۽ سندن دلين جو لاڙو مصر ڏانهن ٿيو،
۽ هو پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا نہ رکي، نڪي پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا گڏ ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين اڳتي ڪڏهن بہ انهي رستي موٽي نہ وڃجو.
جنهن رستي بابت مون توکي چيو هو تہ وري نہ ڏسج، انهي رستي کان خداوند توکي ٻيڙين ۾ چاڙهي مصر ۾ آڻيندو: ۽ اتي اوهين پاڻ کي پنهنجن دشمنن وٽ غلام ۽ ٻانهيون ڪري وڪڻندا، پر ڪوبہ اوهان کي خريد نہ ڪندو.
۽ جنهن ملڪ مان هو نڪري آيا هئا، سو جيڪڏهن هو ياد ڪن ها، تہ جيڪر کين موٽي وڃڻ جو وجهہ ملي ها؛