37 يعني اهي ماڻهو جن انهي ملڪ بابت خراب خبر آندي هئي، سي خداوند جي حضور ۾ طاعون سان مري ويا.
37 سو انهن خراب خبر ٻڌائيندڙ ماڻهن کي خداوند وبا سان ماري ڇڏيو.
تنهنجي پاسي ۾ هزار ڪري پوندا، بلڪ تنهنجي ساڄي هٿ وٽ ڏهہ هزار؛ پر اُها تو تائين ڪين پهچندي.
تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏسو، آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس اولاد کي سزا ڏيندس، هن وٽ هن قوم ۾ رهڻ جي لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ نڪي هو اُها چڱائي ڏسندو جا آءٌ پنهنجي قوم سان ڪندس: ڇالاءِ جو هن خداوند جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي.
ائين ڪرڻ ڪري خداوند جي حضور مان باهہ نڪتي، ۽ انهن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيائين، ۽ اهي خداوند جي روبرو مري ويا.
۽ هنن، جنهن ملڪ جي جاسوسي ڪري آيا هئا، تنهن بابت بني اسرائيل کي هڪڙي خراب خبر ٻڌائي، ۽ چيائون تہ اها زمين، جنهن جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ اسين ويا هئاسين، سا اهڙي زمين آهي، جا اتي جي رهاڪن کي کايو وڃي، ۽ جيڪي ماڻهو اسان اتي ڏٺا سي سڀ ڏاڍا قداور آهن.
آءٌ هنن کي وبا سان ماريندس، ۽ کين ورثي کان خارج ڪندس، ۽ تو مان هڪڙي هنن کان بہ وڏي ۽ زور واري قوم ٺاهيندس.
پر نون جو پٽ يشوع، ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، انهن ماڻهن مان جيڪي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ ويا هئا، جيئرا رهيا.
پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، ۽ جن اڍائي سؤ ماڻهن لوبان ساڙيو هو، تن کي ڀسم ڪري ڇڏيائين.
هاڻي جيڪي طاعون ۾ مئا، سي چوڏهن هزار ۽ ست سؤ هئا، سواءِ انهن جي جيڪي قورح واري حادثي ۾ مئا هئا.
۽ ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ جڏهن اسان جا ڀائر خداوند جي حضور ۾ مري ويا تڏهن اسين بہ مري وڃون ها تہ چڱو هو!
۽ گڏهہ مون کي ڏسي ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مُڙي ويئي: ۽ جي هوءَ ٽي ڀيرا منهنجي اڳيان مڙي نہ وڃي ها، تہ ضرور آءٌ تو کي ماري وجهان ها، ۽ هن کي جيئرو ڇڏيان ها.
۽ جيڪي طاعون ۾ مئا سي چوويهہ هزار هئا.
نڪي اوهين ڪُرڪو ڪنجهو، جيئن هنن مان ڪي ڪُرڪيا ۽ برباد ڪرڻ واري برباد ڪري ڇڏين.
انهي هوندي بہ اُنهن مان گهڻن سان خدا راضي نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اهي رڻ پٽ ۾ مارجي ڪيرايا ويا.
۽ اهي ڪير هئا، جن سان هو، چاليهہ ورهيہ ناراض رهيو؟ ڇا اُهي نہ هئا، جن گناهہ ڪيو ۽ جن جا لاش برپٽ ۾ پيا رهيا؟
۽ اهي ڪير هئا، جن سان هن اهو قسم کنيو تہ هو منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا، سواءِ انهن جي، جن نافرماني ڪئي؟
هاڻي جيتوڻيڪ اوهان کي اڳيئي سڀني ڳالهين جي سُڌ آهي، تہ بہ اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو گهُران، تہ خداوند هڪڙيءَ اُمت کي مصر جي ملڪ مان صحيح سلامت ڪڍڻ کانپوءِ، جن ايمان نہ آندو، تن کي برباد ڪري ڇڏيو.