Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 14:33 - Sindhi Bible

33 ۽ اوهان جا ٻار چاليهن ورهين تائين هن بيابان ۾ پيا رلندا، ۽ اوهان جي زناڪارين جو ڪيتو پيا لوڙيندا؛ جيسين ڪ اوهان جا لاشا بيابان ۾ سڙي ڳري ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

33 اوهان جا ٻار چاليهن سالن تائين هن بيابان ۾ پنهنجي رڍن ٻڪرين سان پيا رلندا. هو اوهان جي بي‌اعتقاديءَ جو ڪيتو پيا لوڙيندا، جيستائين اوهين سڀ مري کپي وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 14:33
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهي رڻ پٽ جي رستي تي بيابان ۾ پئي رُليا، ۽ ڪوبہ شهر رهڻ لاءِ نٿي ملين.


هو سردارن تي بي عزتي ٿو موڪلي ۽ کين رڻ پٽ ۾ ٿو رلائي، جتي ڪابہ واهہ ڪانهي.


تنهن ڪري هن انهن جا ڏينهن اجايا وڃايا، ۽ سندن ورهيہ خوف ۾ پورا ڪيائين.


تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان عداوت رکندا آهن، تن جي پٽن کي ۽ انهن جي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ کي ڏيندو آهيان؛


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو تو مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ مون کي پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيو اٿيئي، تنهنڪري تون پنهنجي شهوت پرستي ۽ پنهنجون زناڪاريون بہ پاڻ کڻ.


اي اسرائيل، ٻين قومن وانگر تون خوشيءَ سان شادمان نہ ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو تون زناڪاري ڪرڻ ڪري پنهنجي خدا کان پري هليو ويو آهين، سڀ ڪنهن ان جي پڙ تي تو ڀاڙو وٺڻ پسند ڪيو آهي.


۽ خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هن کين چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو، جيسين ڪ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو، جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي نابود ٿي ويا.


اتي هارون ڪاهن، خداوند جي حڪم موجب حور جبل تي چڙهي ويو، ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪتا، تنهن کان پوءِ چاليهين ورهيہ جي پنجين مهيني جي پهرين تاريخ هن اتي وفات ڪئي.


پوءِ اهو ماڻهو ڏوهہ کان آزاد ٿيندو، ۽ اها زال پنهنجو ڏوهہ پاڻ تي کڻندي.


اهوئي شخص هنن کي ڪڍي آيو؛ ۽ مصر ۾، ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾، ۽ رڻ پٽ ۾، چاليهہ ورهيہ عجب جهڙا ڪم ڪيائين، ۽ نشان ڏيکاريائين.


۽ چاليهين ورهيہ ۾، يارهين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو، جو جيڪي ڳالهيون خداوند موسيٰ کي فرمايون هيون، سي هن بني اسرائيل کي چئي ٻڌايون؛


۽ قادس برنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، زرد نهر جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ ورهيہ لڳا؛ انهي وچ ۾ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ جنگي مرد منزلگاهہ منجهان مري کپي ويا، جيئن ڪ خداوند قسم کڻي انهن کي چيو هو.


ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا تنهنجي هٿ جي ڪمائيءَ ۾ برڪت وڌي آهي: ۽ هن وڏي بيابان ۾ تنهنجي گهمڻ ڦرڻ جي بہ هن کي خبر آهي: هي چاليهہ ورهيہ خداوند تنهنجو خدا توساڻ رهيو؛ ۽ توکي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿي.


مون چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ اوهان جي اڳواڻي ڪئي: ۽ نہ اوهان جي بت جا ڪپڙا پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جي پير جي جتي پراڻي ٿي.


۽ تون انهي رستي کي ياد رکج، جنهن تي خداوند تنهنجي خدا توکي چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هلايو، انهي لاءِ تہ هو توکي نماڻو ڪري، ۽ توکي آزمائي، ۽ تنهنجيءَ دل جي ڳالهہ معلوم ڪري، تہ تون هن جي حڪمن کي مڃيندين يا نہ.


اُنهن چاليهن ورهين ۾ نہ تنهنجا ڪپڙا تنهنجي بدن تي پراڻا ٿيا، نڪي تنهنجا پير سڄي پيا.


هاڻي ڏس جيئن خداوند فرمايو هو تيئن ٿيو، يعني جنهن وقت خداوند هيءَ ڳالهہ موسيٰ سان ڪئي، ۽ اڃا بني اسرائيل بيابان ۾ رلندا ٿي وتيا، تنهن وقت کان وٺي اڄ تائين جي پنجيتاليهہ ورهيہ گذريا آهن، سي هو مون کي جيئرو رکندو آيو آهي؛ ۽ هاڻي ڏس، آءٌ اڄ پنجاسي ورهين جي عمر جو آهيان.


ڇالاءِ جو بني اسرائيل چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ پئي رليا، جيستائين ڪ سڄي قوم، يعني سڀ جنگي مرد جي مصر مان نڪتا هئا، سي مري کپي ويا، ڇو جو هنن خداوند جو حڪم نہ مڃيو: ۽ انهن سان خداوند قسم کنيو هو، تہ جنهن ملڪ جي کين ڏيڻ جو خداوند انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، سا هنن کي نہ ڏيکاريندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ