Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 14:3 - Sindhi Bible

3 ڇالاءِ خداوند اسان کي هن ملڪ ۾ ترار سان مارجڻ لاءِ آندو آهي؟ اسان جون زالون ۽ اسان جا ٻار پڪڙجي ويندا: اسان لاءِ ائين بهتر نہ آهي ڇا، تہ موٽي مصر ۾ هلون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 خداوند اسان کي انهيءَ ملڪ ۾ ڇو ٿو وٺي وڃي؟ اسين تہ جنگ ۾ مارجي وينداسين ۽ اسان جون زالون ۽ اسان جا ٻار لُٽ جو مال ٿي ويندا. ڇا اسان جي لاءِ اهو بهتر نہ ٿيندو جو اسين مصر ڏانهن موٽي وڃون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 14:3
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهن جي مڃڻ کان انڪار ڪيائون، ۽ جيڪي عجيب ڪم تو هنن ۾ ڪيا سي هنن ياد نہ ڪيا؛ پر پنهنجي گردن سخت ڪيائون، ۽ باغي ٿي هڪڙو سردار مقرر ڪيائون، تہ موٽي پنهنجي ٻانهپ ۾ وڃي پون: پر تون اهڙو خدا آهين جو بخشڻ لاءِ تيار، ۽ مهربان، ۽ رحم ڀريو، ۽ ڪاوڙ ۾ ڍرو، ۽ گهڻي رحم وارو آهين، ۽ تو هنن کي ڦٽو ڪري ڇڏي نہ ڏنو.


انهن ڪيترائي ڀيرا بيابان ۾ هن جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ رڻ پٽ ۾ کيس رنجيدو ڪيو!


۽ بني اسرائيل هنن کي چيو تہ جڏهن اسين مصر جي ملڪ ۾ گوشت جي ديڳڙن وٽ ويٺا هئاسين، ۽ پيٽ ڀري ماني ٿي کاڌيسين، تڏهن جي خداوند جي هٿان مري وڃون ها تہ چڱو ٿئي ها؛ ڇالاءِ اوهان اسان کي هن رڻ پٽ ۾ آندو آهي، تہ هن ساري جماعت کي بکن ۾ ماريو.


۽ انهن کي چيائون تہ شل خدا اوهان کي ڏسي، ۽ اوهان جو انصاف ڪري، ڇالاءِ جو اوهان اسان کي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي نظر ۾ اهڙو نفرتي ڪيو آهي، جو ڄڻ تہ هنن جي هٿ ۾ ترار ڏني اٿوَ تہ اسان کي قتل ڪري ڇڏين.


۽ چوندا تہ نہ: اسين مصر جي ملڪ ۾ وينداسين، جتي اسين ڪابہ جنگ ڪانہ ڏسنداسين، ۽ نہ قرناءِ جو آواز ٻڌنداسين، ۽ نہ مانيءَ جي بک ڪڍنداسين؛ اُتي اسين رهنداسين:


اي يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو اوهان جي نسبت ۾ خداوند فرمايو آهي تہ اوهين مصر ۾ نہ وڃو: پڪ ڄاڻو تہ مون اڄوڪي ڏينهن اوهان وٽ شاهدي ڏني آهي.


۽ ڪوڙ جي لاءِ پنهنجي زبان ڪمان وانگي ٿا موڙين: ۽ هو ملڪ ۾ زور وارا ٿيا آهن، پر نہ سچ جي لاءِ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو بڇڙائي ڏي وڌندا ٿا وڃن ۽ مون کي نٿا سڃاڻن.


پر سڄو مهينو کائيندا، جيسين ڪ اهو اوهانجين ناسن مان نڪري، ۽ اوهين انهي مان ڪڪ ٿي پئو؛ ڇالاءِ جو اوهان انهي خداوند جي حقارت ڪئي آهي، جو اوهان منجهہ آهي، ۽ انهي جي اڳيان روئي چيو اٿوَ تہ اسين ڇو مصر مان نڪري آياسين.


اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي انهي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو آهين، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي؛ انهي لاءِ تہ اسان کي بيابان ۾ مارين، ۽ وري اسان جي مٿان حڪومت ٿو هلائين؟


۽ ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ جڏهن اسان جا ڀائر خداوند جي حضور ۾ مري ويا تڏهن اسين بہ مري وڃون ها تہ چڱو هو!


۽ ماڻهو خدا جي، ۽ موسيٰ جي برخلاف چوڻ لڳا، تہ ڇو اوهان اسان کي مصر مان ڪڍي هن بيابان ۾ مرڻ جي لاءِ آندو آهي؟ هتي نہ ماني آهي، نہ پاڻي آهي؛ ۽ اسان جي جيءَ کي هن هلڪيءَ مانيءَ کان نفرت ٿي اچي.


۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي مرضي نہ هئي تہ کيس مڃيون، بلڪ هن کي پاڻ وٽان ڌڪي ڪڍيائون، ۽ سندن دلين جو لاڙو مصر ڏانهن ٿيو،


انهي کان سواءِ اوهان جا ٻار ٻچا، جن جي لاءِ اوهين چئو ٿا تہ اهي گرفتار ٿي ويندا، يعني اوهان جا ٻار جن کي اڄ چڱي ۽ مٺي جي ڪا خبر ڪانهي، سي انهي ۾ داخل ٿيندا، ۽ آءٌ هنن کي اهو ملڪ ڏيندس، ۽ هو انهي جا مالڪ ٿيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ