Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 14:29 - Sindhi Bible

29 اوهان جا لاشا هن بيابان ۾ ڪرندا، ۽ انهن سڀني جا، جن جو اوهان ۾ شمار ڪيو ويو آهي، يعني اوهان جي شمار موجب جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي آهي، جن منهنجي برخلاف ڪرڪر ڪئي آهي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 اوهان جا لاش هن بيابان ۾ پيا رلندا، ڇو تہ اوهان سڀني منهنجي خلاف شڪايتون ڪيون آهن. سو اوهين ويهن سالن يا انهيءَ کان مٿي عمر وارا جيڪي بہ شمار ڪيا ويا هئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 14:29
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن ڪري هن انهن بابت قسم کڻي چيو تہ، آءٌ هن کي بيابان ۾ ڪيرائي چٽ ڪندس:


تنهن ڪري هن انهن جا ڏينهن اجايا وڃايا، ۽ سندن ورهيہ خوف ۾ پورا ڪيائين.


۽ آءٌ اوهان منجهان جيڪي باغي آهن ۽ منهنجي برخلاف گناهہ ٿا ڪن، سي ڪڍي ڇڏيندس؛ جنهن زمين ۾ هو رهن ٿا اُتان هنن کي ٻاهر ڪڍندس، پر هو اسرائيل جي زمين ۾ داخل نہ ٿيندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


اهڙيءَ طرح بني اسرائيل مان سڀيئي مرد، جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهيءَ کان مٿي هئي، ۽ جنگ ۾ وڃڻ جي لائق هئا، ۽ جن جو سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب شمار ڪيو ويو، سي سڀ،


يعني جيڪي بہ شمار ڪيا ويا، سي مڙيئي ڇهہ لک ٽي هزار پنج سؤ ۽ پنجاهہ هئا.


پر سينا جي بيابان ۾ جن اسرائيلين جو موسيٰ ۽ هارون ڪاهن شمار ڪيو هو، تن مان هڪڙو ماڻهو بہ هنن ۾ ڪونہ هو.


ڇالاءِ جو خداوند انهن جي بابت فرمايو هو، تہ هي ضرور بيابان ۾ مري ويندا. سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو.


انهي هوندي بہ اُنهن مان گهڻن سان خدا راضي نہ ٿيو، ڇالاءِ جو اهي رڻ پٽ ۾ مارجي ڪيرايا ويا.


۽ قادس برنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، زرد نهر جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ ورهيہ لڳا؛ انهي وچ ۾ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ جنگي مرد منزلگاهہ منجهان مري کپي ويا، جيئن ڪ خداوند قسم کڻي انهن کي چيو هو.


۽ اهي ڪير هئا، جن سان هو، چاليهہ ورهيہ ناراض رهيو؟ ڇا اُهي نہ هئا، جن گناهہ ڪيو ۽ جن جا لاش برپٽ ۾ پيا رهيا؟


ڇالاءِ جو بني اسرائيل چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ پئي رليا، جيستائين ڪ سڄي قوم، يعني سڀ جنگي مرد جي مصر مان نڪتا هئا، سي مري کپي ويا، ڇو جو هنن خداوند جو حڪم نہ مڃيو: ۽ انهن سان خداوند قسم کنيو هو، تہ جنهن ملڪ جي کين ڏيڻ جو خداوند انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، سا هنن کي نہ ڏيکاريندو.


هاڻي جيتوڻيڪ اوهان کي اڳيئي سڀني ڳالهين جي سُڌ آهي، تہ بہ اوهان کي ياد ڏيارڻ ٿو گهُران، تہ خداوند هڪڙيءَ اُمت کي مصر جي ملڪ مان صحيح سلامت ڪڍڻ کانپوءِ، جن ايمان نہ آندو، تن کي برباد ڪري ڇڏيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ