Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 14:28 - Sindhi Bible

28 انهن کي چئُہ تہ خداوند فرمائي ٿو تہ مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم تہ جيڪي ڳالهيون اوهان منهنجي ٻڌندي ڪيون آهن، تيئن آءٌ بہ اوهان سان ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

28 هاڻي انهن کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌائي ڇڏيو تہ ’آءٌ جيئرو خداوند قسم کڻي چوان ٿو تہ آءٌ بہ اوهان سان اهو ئي ڪجھہ ڪندس جيڪي مون اوهان کي گھرندي ٻڌو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 14:28
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ خود سندس اکيون سندس تباهي ڏسن، ۽ ڀلي تہ هو قادر مطلق جي ڪاوڙ پيئي.


تنهن ڪري هن انهن بابت قسم کڻي چيو تہ، آءٌ هن کي بيابان ۾ ڪيرائي چٽ ڪندس:


سو مون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ قسم کنيو تہ اهي منهنجي آرام ۾ داخل نہ ٿيندا.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند آهيان؛ آءٌ ڳالهائيندس ۽ جيڪو ڪلام آءٌ ڪندس سو پورو ٿيندو؛ انهي ۾ وري دير نہ لڳندي؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ اي باغي گهراڻا، اوهان جي ڏينهن ۾ آءٌ ڪلام ڪندس ۽ اُهو عمل ۾ آڻيندس.


پوءِ اُمت ڪُرڪڻ، ۽ خداوند جي ٻڌندي اجايون ڳالهيون ڪرڻ لڳي: ۽ جڏهن خداوند اهي ٻڌيون، تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو، ۽ خداوند جي باهہ انهن ۾ ٻرڻ لڳي، ۽ منزلگاهہ جو ٻاهريون ڀاڱو ساڙي ڇڏيائين.


۽ بني اسرائيل موسيٰ ۽ هارون تي ڪُرڪڻ لڳا، ۽ ساريءَ جماعت انهن کي چيو تہ اسين مصر جي ملڪ ۾ مري وڃون ها تہ چڱو هو، يا هن بيابان ۾ مري وڃون ها تہ چڱو هو!


پر مون کي پنهنجيءَ حياتيءَ جو قسم تہ ساري زمين خداوند جي جلال سان ڀرپور ٿيندي؛


سو جنهن ملڪ جي بابت مون انهن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، سو اهي اصل ڪين ڏسندا. نڪي جن مون کي ڪاوڙايو آهي، تن مان ڪو اهو ڏسندو.


سو موسيٰ اهي سڀ ڳالهيون بني اسرائيل کي ٻڌايون، ۽ اهي ماڻهو ڏاڍا غمگين ٿيا؛


جيڪي ماڻهو مصر مان نڪري آيا آهن، تن مان ڪوبہ، جنهن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هوندي، اهو ملڪ ڪين ڏسندو، جنهن بابت مون ابرهام سان، ۽ اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو؛ ڇالاءِ جو انهن منهنجي پوري تابعداري نہ ڪئي آهي:


۽ خداوند اوهان جون ڳالهيون ٻڌي ڏاڍو ڪاوڙيو، ۽ قسم کڻي چيائين، تہ


جنهن چڱي ملڪ جي بابت مون قسم کڻي چيو هو تہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏيندس، تنهن کي هن خراب پيڙهيءَ جي، هنن خراب ماڻهن مان، هڪڙو بہ ڪين ڏسندو.


۽ قادس برنيع کان رواني ٿيڻ کان وٺي، زرد نهر جي پار وڃڻ تائين اسان کي اٺٽيهہ ورهيہ لڳا؛ انهي وچ ۾ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ جنگي مرد منزلگاهہ منجهان مري کپي ويا، جيئن ڪ خداوند قسم کڻي انهن کي چيو هو.


انهي کان سواءِ خداوند جو هٿ انهن جي برخلاف هو، انهي لاءِ تہ انهن کي منزلگاهہ منجهان گم ڪري ڇڏي، تان جو هو مري کپي نابود ٿي وڃن.


ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کڻي ٿو چوان، تہ مون کي پنهنجيءَ هميشہ جي زندگيءَ جو قسم آهي، تہ


۽ اهي ڪير هئا، جن سان هو، چاليهہ ورهيہ ناراض رهيو؟ ڇا اُهي نہ هئا، جن گناهہ ڪيو ۽ جن جا لاش برپٽ ۾ پيا رهيا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ