Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




ڳاڻاٽو 14:24 - Sindhi Bible

24 پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جي طبيعت ٻئي قسم جي آهي، ۽ جنهن پوريءَ طرح منهنجي پيروي ڪئي آهي، تنهن کي آءٌ انهي ملڪ ۾ وٺي ويندس، جنهن ۾ هو ويو هو، ۽ اهو ملڪ انهي جي اولاد جي قبضي ۾ ايندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جو روح ٻئي قسم جو آهي ۽ پوريءَ طرح منهنجي فرمانبرداري ڪئي اٿائين، تنهن کي آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندس جنهن ۾ هو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ويو هو ۽ اهو ملڪ سندس اولاد جي ميراث ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




ڳاڻاٽو 14:24
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند، اسان جي ابن ڏاڏن جا خدا، يعني ابرهام، اسحاق، ۽ اسرائيل جا خدا، پنهنجي قوم جي دل جي خيال ۽ رويا ۾ اها ڳالهہ سدائين ڄمائي رک، ۽ سندن دل کي پنهنجي لاءِ تيار ڪر:


تڏهن ماڻهن خوشيون ڪيون، جو رضامنديءَ سان ڏنائون، ڇالاءِ جو انهن پوريءَ دل سان ۽ رضامنديءَ سان خداوند جي لاءِ ٿي ڏنو: ۽ دائود بادشاهہ بہ ڏاڍو سرهو ٿيو.


۽ هن جيڪي ڪم ڪيا، سي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا، پر اهي هن سالم دل سان نہ ڪيا.


ق آءٌ پنهنجي سالم دل سان دعا ٿو ڪريان؛ اي خداوند مون کي جواب ڏي: آءٌ تنهنجن قانونن تي عمل ڪندس.


شل منهنجي دل تنهنجن قاعدن بابت ڪامل ٿئي، تہ آءٌ شرمندو نہ ٿيان.


اي منهنجا پٽ، مون کي پنهنجي دل ڏي، ۽ پنهنجين اکين کي منهنجن رستن جي ڪري خوش ٿيڻ ڏي.


پوءِ ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون؛ ڇالاءِ جو اسين انهي تي پوريءَ طرح غالب پونداسين.


۽ جنهن ملڪ بابت مون پنهنجو هٿ کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اتي رهائيندس، تنهن ۾ يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو اوهان مان ڪوبہ ڪونہ پهچندو.


ڇالاءِ جو خداوند انهن جي بابت فرمايو هو، تہ هي ضرور بيابان ۾ مري ويندا. سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب، ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو ماڻهو بہ ڪونہ بچيو.


۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:


۽ ماڻهن کي خوش ڪندڙن وانگر ظاهري ڏيک جي لاءِ نوڪري نہ ڪريو؛ پر مسيح جي غلامن وانگر دل سان خدا جي مرضي پوري ڪريو؛


سواءِ يفنہ جي پٽ ڪالب جي، جو اهو ڏسندو؛ ۽ انهي کي ۽ انهي جي اولاد کي آءٌ اها زمين ڏيندس؛ جا هن لتاڙي آهي: ڇالاءِ جو هن خداوند جي پوري تابعداري ڪئي آهي.


تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي ساريءَ دل، پنهنجي ساريءَ جان، ۽ پنهنجي ساريءَ طاقت سان پيار ڪر.


جيڪو بہ ڪم ڪريو سو دل سان ڪريو، ڄڻ تہ خداوند جي لاءِ ٿا ڪريو؛ نہ ماڻهن جي لاءِ؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ